تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

گل شمع جي ماءُ ماني کائڻ گهٽائي ڇڏي، ڪمشنر جون اکيون ڀرجي آيون

دادو: هڪ ڌيء جي فوت جو صدمو مٿان مڙس جي گرفتار ٿيڻ ۽ پاڻ به هڪ سال جي معصوم نياڻي سميت باندي بڻيل ليلان رند دردن جو داستان بڻجي وئي آهي جنهن پوليس کان ملندڙ ماني ڳڀو به کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو فوتي نينگري گل شمع جي ماء ليلان بک ڪاٽڻ ۽ ڏکن سبب ڪمزور ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. پوليس ذريعن موجب ڪمشنر ۽ ڊي آء جي حيدرآباد پاران فوتي نينگري جي ماء ليلان کان واقعي بابت پڇا ڪئي ته هو زارو قطار روئيندي رهي انهيء دوران ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ جون اکيون ڀرجي آيون ان سلسلي ۾ عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ واري سيل جي انچارچ انسپيڪٽر بينظير جمالي ٻڌايو ته ليلان کي وقت سر ماني ڏني وڃي ۽ هوء ماني کائيندي آهي پر گهٽ بينظير جمالي موجب ڪمشنر ۽ ڊي آء جي ليلان کي بيان لاء ايس پي نه گهرايو هو. 

Bookmark the permalink.