تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

گلاب لغاري ۾ مڙس وٽ قيد ڄاڻايل عورت عدالت ۾ پيش، ماءُ حوالي

گلاب لغاري (ن۔پ۔ا)گلاب لغاري ۾ مڙس پاران مبينا قيد ڪيل عورت کي عدالت ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ گلاب لغاري جي ڳوٺ علي بخش ٽنگڙي ۾ شادي شده مسمات صفيا جي ماءُ شميم کوسو پنهنجي ناٺي فرمان ٽنگڙي خلاف درخواست داخل ڪرائيندي مٿس ڌيءُ کي زبردستي لڪائي رکڻ جو الزام هنيو هو. مسمات صفيا اهڙي درخواست سيشن ڪورٽ بدين ۾ ڏني هئي، جنهن بعد عدالت جي حڪم تي ايس ايڇ او گلاب لغاري عورت کي تحويل ۾ وٺي سيشن جج بدين جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عورت مائٽن سان گڏ رهڻ جو بيان ڏنو، جنهن بعدعدالت سڳوري کيس مائٽن سان رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اهڙي عدالتي حڪم بعد عورت کي سندس مائٽن حوالي ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.