تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

گرين لائين منصوبي ۾ دير جي ذميوار ڪي ايم سي قرار، سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪاميٽي جو ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي خط

ڪي ايم سي جي رڪاوٽن سبب منصوبي تي ڪم رولڙي جو شڪار آهي: ايس آئي ڊي سي ايل

گرين لائين منصوبي تي ٽرام هلائڻ سان ٽيڪنيڪل ڏکيائون پيش اينديون

ڪراچي (ن پ ا) گرين لائين منصوبي۾ دير جي ذميوار ڪي ايم سي قرار تفصيل موجب سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪاميٽي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي خط لکي گرين لائين منصوبي ۾ دير جي ذميوار ڪي ايم سي کي قرار ڏنو آهي، سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪاميٽي لميٽيڊ پاران ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر کي لکيل خط ۾چيو ويو آهي ته ڪي ايم سي جي رڪاوٽن سبب منصوبي تي ڪم رولڙي جو شڪار آهي، ايس آئي ڊي سي ايل جي خط ۾وڌيڪ چيو ويو آهي ته گرين لائين منصوبي تي ٽرام هلائڻ سان ٽيڪنيڪل ڏکيائون پيش اينديون، گرين لائين منصوبي جي جيڪڏھن ڊيزائين تبديل ڪئي وئي ته ڪم مڪمل ٿيڻ ۾ وڌيڪ دير لڳندي، خط ۾چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پاران 2021ع مارچ تائين ڪم مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ڪابينا به ايم اي جناح روڊ ڪاريڊور جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

Bookmark the permalink.