تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

گذريل 4 سالن دوران ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جا 62 ماھيگير کنڀي ڀارتي جيلن ۾ قيد ڪيا ويا آھ: فشر فوڪ فورم

گھرن جي ڪمائيندڙ جيلن ۾ قيد ٿي وڃڻ سبب سندن گھر ڀاتي فاقا ڪاٽي رھيا آھن

سجاول (ن پ ا) فشر فوڪ فورم جي ضلعي اڳواڻ نور محمد ٿھيمور پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته گذريل 4 سالن دوران ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جا 62 ماھيگير کنڀي ڀارتي جيلن ۾ قيد ڪيا ويا آھن ۽ گھرن جي ڪمائيندڙ جيلن ۾ قيد ٿي وڃڻ سبب سندن گھر ڀاتي فاقا ڪاٽي رھيا آھن پر سرڪار پاران ماھيگيرن جي آزادي لاء ڪي به جوڳا اپاء نه ورتا ويا آھن ھن حڪومت کان گھر ڪئي ته ڪوششون وٺي ڀارت ۾ قيد مھاڻن کي آزاد ڪرايو وڃي

Bookmark the permalink.