تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

گجرانوالا جلسي سان مخالف ڌر جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي، اُميد ته اپوزيشن وارا وڌيڪ جلسا ملتوي ڪري ڇڏيندا: وفاقي سرڪار

اپوزيشن وارا جيڪا راند کيڏي رهيا آهن، اُن سان ملڪ کي نقصان پهچندو: وفاقي وزيرَ

وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ شبلي فراز مخالف ڌر جي گجرانوالا جلسي کي فلاپ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار گجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي فلاپ شو قرار ڏيندي چيو آهي ته گجرانوالا جلسي سان اپوزيشن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي، اُميد ته اپوزيشن وارا وڌيڪ جلسا ملتوي ڪري ڇڏيندا. وفاقي وزير شبلي فراز ۽ فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن وارا جيڪا راند کيڏي رهيا آهن، اُن سان ملڪ کي نقصان پهچندو، حڪومت مڪمل طور ادارن سان گڏ بيٺل آهي، نواز شريف آرمي چيف جي مُدي ۾ واڌ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، هاڻي ڪِريل ٻولي ڇو ڳالهائي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزيرن چيو ته گذريل ڏينهن اميرن جي بگڙيل ٻارن عوام کي فوج خلاف ڀڙڪايو، نواز شريف ائين ڳالهائي رهيو هو، جو ڄڻ ته رٺل محبوبه هجي، کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته فوج کان بدلو ڪيئن وٺي، نواز شريف کي اُهو وقت وسري ويو، جڏهن پاڻ ادارن جو لاڏلو هوندو هو………….

Bookmark the permalink.