تازا ترين
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

گاجي کهاوڙ ۾ بااثر پاران پورهيت کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ويو

گاجي کهاوڙ (ن پ ا) چنگچي ڊرائيور پورهيت ديدار منگي کي گاجي کهاوڙ جي وڏيري اڪبر کهاوڙ ۽ سندس ڀائيٽن عمران کهاوڙ ۽ عرفان کهاوڙ معمولي ڳالهه تان ناراض ٿي مين بس اسٽاپ لڳ هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائڻ بعد ڏنڊا ۽ ٺونشا هڻي سخت زخمي ڪرڻ بعد پورهيت جي دانهن تي فرار ٿي ويا. ٻئي طرف اهڙي واقعي جي گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي پورهيت طرفان واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آھي. جڏھن ته زخمي کي ليٽر ملڻ بعد واره اسپتال نيو ويو. پورهيت ديدار منگي دانهيندي ٻڌايو ته ايم پي اي برهان خان چانڊيو طرفان مون مسڪين کي لاڪ ڊائون سبب بيروزگار هجڻ ڪري راشن مليو هيو، جنهن جو انٽرنيٽ ذريعي شڪريو ادا ڪيو هيو، جنهن تي بااثر اڪبر کهاوڙ ناراض ٿي تشدد ڪرايو آهي. هن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي قمبر شھداد ڪوٽ کان جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي.

Bookmark the permalink.