تازا ترين
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

گاجي کهاوڙ واٽر سپلاءِ جا ٻه موٽرسڙي ويا، پاڻي جي فراهمي معطل

گاجي کهاوڙ (ن پ ا) ڌامراهه واهه واري واٽرسپلاءِ جا 2 موٽر 5 ڏينهن کان خراب هجڻ ڪري گاجي کهاوڙ، لاشاري، ڪنڀر، چانڊيا، سيھڙ، سومرا، گاڏھي محلا سميت 12 محلن ۾ پاڻي جي فراهمي معطل آهي، مسجدن ۾ به پاڻي کٽي ويو آهي. شهرين وزير چانڊيو، محمد شابراڻي، نادر لاشاري، مولا بخش ڪنڀر، محمد اسلم سيھڙ، اختيار سومرو چيو ته واٽرسپلاءِ جو پاڻي ڪيترن ئي ڏينهن کان بند آهي پبلڪ هيلٿ وارا الائي ڪٿي گم آهن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او فياض حسين ڪولاچي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته واٽرسپلاءِ جا موٽر خراب ٿي پيا هئا جيڪي ٺهي ويا آهن جلد موٽر واٽرسپلاءِ ۾ لڳائي پاڻي مختلف محلن تائين پهچايو ويندو.

Bookmark the permalink.