تازا ترين
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

گاجي کهاوڙ لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون لڳڻ سبب 5 عورتن سميت 8 ڄڻا سخت زخمي

گاجي کهاوڙ (ن پ ا) ڳوٺ ڳڙهي ماڪوڙو ۾ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ ڪري 5 عورتن سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.زخمين ۾ جاڙل ڀٽي، صدر ڀٽي ، سڪندر ڀٽي ۽ 5 عورتون شامل آهن. جن کي وارث گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي آندو جتان کان زخمين کي وارھ اسپتال کڻائي منتقل ڪيو ويو.. هڪ ڌر جي جاڙل ڀٽي چوڻ هو ته پيئڻ جي پاڻي تان جهيڙو ٿي پيو. ھُن ڌر سندن عورتن ۽ مردن کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. ٻي ڌر جي سڪندر ڀٽي جو چوڻ هو ته پهريان به جهيڙو ٿيو هو جهيڙي جو فيصلو برادري جي معزز عزيز الله ڀٽي ڪيو هو. جنهن جو ڏنڊ جاڙل ڀٽي جي ڌر تي پيو هو. جن کي اڄ ڏنڊ جي قسط ڏيڻي هُئي پر انهن الٽو جهيڙو ڪري مون سميت ٽن عورتن کي زخمي ڪيو آھي. جڏھن ته هوڏانهن جهيڙي جو ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو جنهن بعد گاجي کهاوڙ پوليس ٻنهي ڌرين جي 4 ماڻهن کي گرفتاري ڪري ورتو آهي.

Bookmark the permalink.