تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

ڪڻڪ خريداري ٽن ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم: فلور ملز تان واڌو ڪڻڪ کڻڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪڻڪ جو مقرر ڪيل حدف پورو ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳائيندي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته فلور ملز وٽ 30 هزار ٻورين کان وڌيڪ ٻوريون جتي بههٿ اچي اتي سرڪاري تحويل ۾ ورتون وڃن، ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه ۽ خوراڪ واري وزير جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي خريداري بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد سميت سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪري ڪڻڪ خريداري بابت آگاهي ڏني. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 90 سيڪڙو، ميرپورخاص ۾ 87 سيڪڙو ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ مڪمل ٿي ويو آهي، جڏهن ته سکر ۾ 89، لاڙڪاڻي ۾ 92، بينظيرآباد ۾ 80 سيڪڙو ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ مڪمل ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ٻڌايو ته ڊويزن جي مختلف شهرن جي گودامن مان 2 لک ٻوريون هٿ ڪيون آهن چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه سمورن ڊويزنل ڪمشنرز کي هدايت ڪندي چيو ته هو ڪڻڪ جي خريداري جي ٽارگيٽ کي ٽن ڏينهن ۾ مڪمل ڪن. هن چيو ته گودامن مان سيل ڪيل ڪڻڪ کي خريداري ۾ شامل ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ سيڪريٽري خوراڪ کي هدايت ڪئي ته شهيد بينظيرآباد وڃي ۽ سيل ڪيل سموري ڪڻڪ خوراک کاتي جي ڪڻڪ قرار ڏيياري وڃي۽ ڪمشنر سکر ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪڻڪ جي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پاپندي سخت ڪندي اسمگلنگ کي هر صورت ۾ روڪيو وڃي ۽ صوبي ۾ ڪڻڪ جي خريداري ٽارگيٽ کي پورو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ خوراڪ واري صوبائي وزير چيو ته فلورز ملز کي صرف 30 هزار ٻوريون رکڻ جي ضرورت آهي، ڪوٽا کان وڌيڪ ڪڻڪ کي تحويل ۾ وٺي سرڪاري گودامن ۾ پهچايو ويندو.

Bookmark the permalink.