تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ڪڪڙ واسي شهيد فوجي جوان جي فوجي اعزاز سان اباڻي قبرستان ۾ تدفين

ڪڪڙ (رپورٽ: امير حسن ملاح ) سياچن ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويل ڪڪڙ واسي فوجي جوان جي اباڻي قبرستان ۾ فوجي اعزاز سان تدفين. ڪجهه ڏينهن اڳ برفباري دوران سياچن تي ڇپ ڪرڻ سبب فوجي جوان عبدالرزاق سومرو دٻجي شهيد ٿي ويو هو، جنهن جو مڙهه ڪڪڙ ويجهو اباڻي ڳوٺ مٺو ٻٻر آندو ويو، جتي جنازي نماز ۽ فوجي اعزاز کانپوءِ شهيد جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ فوجي آفيسرن توڙي جوانن کانسواءِ شهرين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهيد فوجي جوان 6 سال اڳ فوج ۾ ڀرتي ٿيو هو ۽ 3 سال اڳ شادي ڪئي هئي، کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي.

Bookmark the permalink.