تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

ڪڙيو گهنور ۾ ملٽي نيشنل ڪمپني جي فوتي ملازم جا پوئنر بکون ڪاٽڻ تي مجبور

ڪڙيوگهنور ( ن پ ا) ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ مسلسل 20 سال ملازمت ڪندڙ سهراب ڳوٺ واسي غلام رسول نظاماڻي جي فوت ٿي وڃڻ بعد سندس پوئنر فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. مسلسل ڪمپني توڙي وس وارن کان مدد جي اپيل ڪرڻ باوجود کين ڪٿان به مدد نه ٿي سگهي. مرحوم غلام رسول جي ڌيءُ ڪرن نظاماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس والد اي يو اي ڪمپني جي ملازمت دوران ڦڦڙن جي ڪينسر جو شڪار ٿي ويو ڊاڪٽرن کيس ڪم کان روڪيو به هو جنهن بعد بيماري جي بستري تي ڪري پيو. ڪمپني توڙي وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي پر ڪنهن به مدد نه ڪئي نيٺ هنن قرض کڻي پيءُ جو علاج ڪرايو پر هو فوت ٿي ويو. هنن چيو ته لاڪ ڊائون ۾ امداد کان وٺي ڪنهن به حوالي سان ڪابه مدد نه ڪئي. هن چيو ته ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ يونيورسٽي آف ڄامشورو ۾ سيڪينڊ ايئر ڪليئر ڪيو آهي وڌيڪ خرچ نه هئڻ ڪري سندس ڀائرن جي به تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هنن سنڌ حڪومت، ملٽي نيشنل ڪمپني توڙي ٻين وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي.

Bookmark the permalink.