تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

ڪچي ۾ پاڻي چاڙهه سبب آپريشن روڪيو آهي: ڊي آءِ جي

حڪمت عملي جوڙي جلد آپريشن ڪبو، شهيدن جو حساب ضرور وٺنداسين

چڪ: ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ چيو ته هن وقت به ڏوهارين خلاف سکر کان آپريشن هلندڙ آهي ڪجهه وقت پهرين ڪچي ۾ پاڻي هجڻ ڪري آپريشن روڪيو ويو هو هاڻي پاڻي لهي ويو آهي ڏوهارين خلاف مضبوط حڪمت عملي اختيار ڪبي، هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي خون جو حساب هر ڏوهاري جو خاتمو ڪري وٺنداسين. چڪ ۽ سکر جي ڪچي ۾ شاهه ٻيلو منير مصراڻي، ڳڙهي تيغي ۾ تيغاڻين ۽ جڏهن ته ڪشمور واري ڪچي ۾ جاگيراڻين جا ٽولا سرگرم آهن. جن کي هر حالت ۾ ختم ڪري امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي. وڌيڪ چيو تمام جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو سيڪيورٽي خدشن سبب ڳالهه واضح نٿا ڪري سگهون. آپريشن لاءِ اسان حڪومت کي لکيو آھي ته بچاءَ بندن تي پوليس ٿاڻا قائم ڪيا وڃن.

Bookmark the permalink.