تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪچي جا ٻيلا ٻڏي وڃڻ ڪري ڳوٺاڻن کان روزگار کسجي ويو

بُکن ۾ پاهه ڍورن پڻ کير گھٽائي ڇڏيو، ماڻھو ماني ڳڀي لاءِ پريشان ٿي ويا

سجاول: ڪچي جا ٻيلا ٻڏي وڃڻ ڪري ڳوٺاڻن کان روزگار کسجي ويو آهي، ڍورن کير گھٽائي ڇڏيو، ماڻھو ماني ڳڀي لاء پريشان آهن. ان ڏس ۾ ڪچي جا اڪٽر رھواسي ڪچي جي ٻيلن کڏي ٻيلو، مولچند ٻيلو، رڙي ٻيلو ۽ آسپاس مان ڪاٺيون وڍي شھرن ۾ وڪرو ڪري گذر ڪندا آھن ۽ ڳئون ۽ مينھن جو کير وڪڻي پيٽ پاليندا آھن درياھ ۾ چاڙھ اچڻ ڪري ٻيلا ۽ جھنگ ٻڏي وڃڻ سبب ڳوٺاڻا ڪاٺيون نه ٿا وڍي سگھن ۽ جانورن کي مناسب چارو نه ملڻ کير جي پيداوار پڻ گھٽجي وئي آھي جنھن ڪري ڳوٺاڻن کا گذر جو ذريعو کسجي ويو آھي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته اسان بي روزگار ٿي ويا آھيون سرڪاري امداد لاءِ واجھائي رھيا آھيون سرڪار سار نه لڌي ته جانورن سان گڏ ماڻھو پڻ بک وگھي سخت متاثر ٿيندا.

Bookmark the permalink.