تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪپهه بازار ۾ ٻاڙائي: سنڌ جون 3677 ڳٺڙيون وڪرو

ڪپهه جو اسپاٽ ريٽ بدستور 9000 رپيا في مڻ تي بيٺل

ڪراچي( ڪامرس ڊيسڪ ) ملڪي ڪپهه مارڪيٽ لاڳيتو ٻاڙائي جو شڪار، ڪراچي ڪاٽن ايسوسيئشن پاران ڪپهه جو اسپاٽ ريٽ بدستور 9000 رپيا في مڻ تي بيٺل، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪپهه جي 3677 ڳٺڙين جا سودا ٿيا، معياري ڪپهه جي خريداري لاءِ ٽيڪسٽائل ملز مالڪن کي اسپاٽ ريٽ کان وڌيڪ اگهه ڏيڻا پيا، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب هالا جي 800 ۽ نوابشاهه جي 1050 ڳٺڙين جا سودا 7150 رپيا، سڪرنڊ جي 1227 ڳٺڙين جا سودا 5800 رپيا ۽ گهوٽڪي جي 600 ڳٺڙين جا سودا 9100 کان 9200 رپيا في مڻ وارن اگهن تي ٿيا، ان ڏس ۾ ڪپهه جي واپار سان لاڳاپيل شخصيتن جو چوڻ هو ته سرڪار کي ايندڙ ڪاٽن سيزن کان اڳ غير معياري ٻجن توڙي زرعي دوائن جي روڪٿام، خراب موسم ۽ وقت سر پاڻي جي فراهمي وارن مسئلن تي ڌيان ڏئي نئين ڪاٽن پاليسي جوڙڻي پوندي

Bookmark the permalink.