تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

ڪي ڊي اي جي 2 ڪامورن جو قاتل زخمي سپرنٽينڊنٽ نڪتو : آفيس مامرن تان فائر ڪيم : حفيظ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سوڪ سينٽر اندر ڪي ڊي اي آفيس ۾ ڪامورن جي جهيڙي دوران 2 آفيسرن جي قتل ٿيڻ واري واقعي ۾ زخمي آفيسر گرفتار، ڪيس پڻ داخل، اڱاري واري ڏينهن سوڪ سينٽر جي ٽئين فلور تي ڪي ڊي اي جي لينڊ ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۾ فائرنگ سبب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم عثماني ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر وسيم رضا قتل ٿي ويا هئا، نيوٽائون ٿاڻي تي مقتول آفيسر وسيم عثماني جي ڀاءَ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته سپرنٽينڊنٽ حفيظ منهنجي ڀاءُ ۽ سندس ساٿي آفيسر کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس اسپتال ۾ علاج هيٺ سپرنٽينڊنٽ حفيظ کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته پوليس حفيظ جو بيان به قلمبند ڪيو، جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته ٻنهي آفيسرن سان ڪم جي معاملي تان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، ٻنهي آفيسرن کان ڪم گهريو ته هنن ڇڪتاڻ پيدا ڪئي، هن ٻڌايو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪيترائي ڀيرا مايوس ٿي گهران پسٽل کڻي ايندو هئس، هن بيان ڏيندي ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن به گهران پسٽل کڻي آيس، آفيس جي ڪمري ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ بعد جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي آفيسرن پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، انهي دوران پستول مان گوليون هلي ويون، اندازو نه هو ته ڪو ايترا فائر ٿي ويندا؟. ٻئي پاسي پوليس ٻڌايو ته پستول ۽ گولين جا خول ليباٽري موڪليا آهن. هوڏانهن ذريعن موجب حفيظ ڪافي سالن کان مقرر هو، نئين آيل ايڊيشنل ڊائريڪٽر کيس بدلي ڪرڻ پي چاهيو ، جنهن تان هو مڇرجي پيو. ياد رهي ته اڱاري واري ڏينهن سوڪ سينٽر ۾ واقع ڪي ڊي آفيس ۾ جهيڙي دوران سپرنٽينڊنٽ عبدالحفيظ جي فائرنگ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لينڊ گلستان جوهر وسيم عثماني ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر وسيم رضا مارجي ويا هئا.

Bookmark the permalink.