تازا ترين
  • مٺي: ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو نـ آيو،وڌيڪ 3 ٻار فوت*
  • سنڌ جا وزير خانگي اسپتالن ۾ ڇو داخل آهن: نصرت سحر جو اسيمبلي ۾ خطاب*مرتضيٰ بلوچ جي جنازي نماز ۾ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪري هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي:نصرت سحر*سنڌ حڪومت جا 8 ارب خبر ناهي ڪٿي خرچ ٿيا: نصرت سحر*
  • *گهوٽڪي ۾ هٽايل ميونسپل چيئرمين پاران بحالي لاءِ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل *عدالت پاران چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس *سنڌ حڪومت کي اختيار ئي ناهي جو چيئرمين کي هٽائي سگهي: درخواست *
  • *ملڪ جي صدر کي به راءِ ٺاهڻ لاءِ قانوني مدد هجڻ گهرجي، اهو ذهن ۾ رکيو وڃي ته ڪيس تي ڪارروائي جا سنگين نتيجا هوندا: سپريم ڪورٽ*
  • *ٽرانسپورٽ واري وزير پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس *سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرائين: اويس شاهه *جن ضلعن ۾ ٽرانسپورٽرز ايس او پيز تي عمل نه ڪندا ته ڪارروائي ٿيندي: اويس شاهه *
  • *ميهڙ ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان چاچي ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙو، 6ڄڻا زخمي ٿي پيا *ڳوٺ جوڙو لاکير ۾ لاکير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو *ظفر،مظھر، حسين، عبدالله، وسيم، سعيد ۽ اظھر لاکير کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *پنگريو ڀرسان زمين جي تڪرار تان ترڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت 8ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻاررن ۽ عورتن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*

ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي ۽ اوقاف ۾ ڪرپشن جون شڪايتون وڌي ويون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن ۾ ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي ۽ اقاف کاتي جي آفيسرن خلاف سڀ کان وڌيڪ شڪايتن جو انڪشاف ٿيو آهي، ڪالهه اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين علم الدين بلو جي صدارت ۾ اينٽي ڪرپشن سائوٿ زون جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سائوٿ زون ۾ ڪرپشن بابت هلندڙ ڪيسن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي سائوٿ زون جي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو ويو ته سائوٿ ۾ 19 ڪيس داخل ٿيا، 506 شڪايتون مليون، جڏھن ته 2 ڇاپا ۽ 10 اوچتا دورا ڪيا ويا. ان کان علاوہ ڪورٽ ۾ 15 چالان پيش ڪيا ويا آھن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گھڻي قدر شڪايتون ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي ۽ اوقاف کاتي جي آفيسرن خلاف مليون آھن، اينٽي ڪرپشن چيئرمين چيو آهي ته ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وڃن ۽ سائوٿ زون جي شڪايتي سيل 1414 کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي، علم الدين بلو ان ڳالھه تي زور ڀريو ته عدالتن ۾ ڪيسن جي پيروي ڪري جوابدارن کي جلد سزائون ڏياريون وڃن.

Bookmark the permalink.