تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

ڪي پي ڪي جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار اجمل وزير کي هٽايو ويو

پشاور (بيورو رپورٽ) ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان سُڌ سماءَ بابت صلاحڪار اجمل وزير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، ذريعن موجب اجمل وزير کي اشتهاري ايجنسي کان ڪميشن وٺڻ واري آڊيو ٽيپ ليڪ ٿيڻ بعد هٽايو ويو، آڊيو ٽيپ ۾ اشتهاري ايجنسي جي مالڪ ڪورونا مهم جا 50 ڪروڙ رُپين جا اشتهار جاري ڪرڻ عيوض 12 سيڪڙو يعني 6 ڪروڙ رُپيا ڪميشن جي آڇ ڪئي، جنهن بعد کيس 10 ڪروڙ رُپيا فوري طور جاري ڪيا ويا، ذريعن موجب اجمل وزير اهو به چيو ته کيس ملندڙ ڪميشن مان ٽئڪس ڪٽوتي نه ڪئي ويندي ۽ اُن حوالي سان سمورن فيصلن ۾ انفارميشن سيڪريٽري به شامل آهي، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ڪامران بنگش سُڌ سماءَ بابت نئون صلاحڪار مقرر، اجمل وزير چيو آهي ته کيس عهدي تان نه هٽايو ويو، پر هُن پاڻ ذاتي مصروفيتن سبب استعيفيٰ ڏني آهي.

Bookmark the permalink.