تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

ڪي اين شاهه ۾ باءِ پاس تي حادثو، ڪوچ ڊرائيور فوت

خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) ڳوٺ باغائي چانڊيو سامهون انڊس هاءِ وي تي ڪوهيڙي سبب ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ ڪوچ جو ٽرڪ پٺيان ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪوچ ڊرائيور لاڙڪاڻي واسي نبي بخش عباسي شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقا اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن ڳڻتي جوڳي حالت ڏسي لاڙڪاڻي اسپتال موڪليو جتي زخمي زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو.

Bookmark the permalink.