تازا ترين
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڪي اين شاهه ۽جيڪب آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 سڳن ڀائرن سوڌو 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪي اين شاهه ۾ فائرنگ ۾ ڊگري ڪاليج جو ڪلارڪ مختيار ۽ پرائمري استاد نظير مارجي ويا

جيڪب آباد ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري زميندار شادي خان جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪي اين شاهه/جيڪب آباد (نمائندن وٽان) خيرپورناٿن شاهه ۽ جيڪب آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 سڳن ڀائرن سوڌو 3 ڄڻا مارجي ويا، خيرپور ناٿن شاهه ويجهو هوٽل تي هٿياربندن جِي فائرنگ ۾ 2 ڀائر مارجي ويا، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، مارجي ويل ڪي اين شاهه ڊگري ڪاليج جَي ڪلارڪ مختيار کوهارو ۽ پرائمري استاد نظير کوهارو جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته جيڪب آباد ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري زميندار شادي خان جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

Bookmark the permalink.