تازا ترين
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ڪوٽ غلام ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: عورت سوڌو 3 ڄڻا زخمي

ڪوٽ غلام محمد(ن پ ا)ڪوٽ غلام محمد ڀرسان برکوري وٽ ميرپورخاص مين روڊ تي تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، هڪ عورت شريمتي جيڻي، روپشي ڪولهي ۽ سريش ميگهواڙ سخت زخمي ٿي پيا، پوليس واقعي جو اطلاع ملندي موقعي تي پهچي زخمين کي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد پهچايو، حالت ڳڻتي جوڳي ٿيڻ سبب جيڻي ڪولهڻ ۽ سندس مڙس روپشي ڪولهي کي ميرپورخاص ريفر ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.