تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺاڻن جو پاڻي نيڪال جي ڇنڊڻ بند ڪرڻ خلاف مظاهرو

ڪوٽ غلام محمد ( ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد جي يوسي عبيدالله ڀرڳڙي جي 15 کان وڌيڪ ڳوٺ جي رهواسين جو بااثر پاران پاڻي نيڪال جي ڇنڊڻ بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، انتظاميا خلاف شديد نعريبازي، بااثر زميندار پاڻي نيڪال جي ڇنڊڻ بند ڪري ڇڏي آهي مهينو گذرڻ باوجود اسان جي 12 کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ 1000 ايڪڙ ذرعي زمين 8 فٽ برساتي پاڻي هيٺ ٻڏل آهي اسان جي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي متاثر ڳوٺاڻن جون پنهنجي اخبار آڏو دانهون، ڪوٽ غلام محمد جي يوسي عبيدالله ڀرڳڙي جي ڳوٺ دولت شر،ڳوٺ قاسم آجاڻي، ڳوٺ خميسو راهميون ،ڳوٺ عثمان کوسو، ڳوٺ غلام محمد رند، ڳوٺ علي آجاڻي، ڳوٺ جڳ مال ڪولهي سميت 15 ڳوٺن جي ڳوٺاڻن خميسو راهميون، درمحمد شر علي محمد آجاڻي، ڪريم بخش خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ بااثر زميندار پاران پاڻي جي نيڪال جو ڇنڊڻ بند ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڇنڊڻ بند ڪرڻ جي انتظاميا ۽ چونڊيل اڳواڻن کي شڪايت ڪئي آهي ان باوجود ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن سنڌ حڪومت، ڪمشنر ميرپورخاص، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽ غلام محمد کي اپيل ڪندي گهر ڪئي ته هنگامي بنيادن تي نوٽيس وٺي بند ڪرايل ڇنڊڻ کي کولرائي اسان جي قديمي ڳوٺن ۽ زرعي زمينن مان بارش جو بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي جو دائرو وڌايو ويندو.

Bookmark the permalink.