تازا ترين
  • *ميهڙ ۾ ٽن ڏينهن کان نوجوان گُم: وارثن کي اغوا جو شڪ*
  • *روهڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جيڪب آباد واسي ڪُهي قتل*

ڪوٽ غلام محمد ۾ ڊينگي جا 2 ڪيس ظاهر: انتظاميا اگهور ننڊ سُتل

ڪوٽ غلام محمد(ن پ ا)ڪوٽ غلام محمد تعلقي ۾ ڊينگي وائرس پهچي ويو، ڳوٺ فيروز خان ميؤ ۾ 21 ورهين جي نوشاد ولد نياز محمد ميؤ اوچتو ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو، کيس تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران ٽيسٽون ڪرائڻ بعد نوجوان نوشاد ميؤ ۾ ڊينگي وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي. جڏهن ته ڊاڪٽرن پاران تعلقي اسپتال ۾ ڊينگي وائرس ۾ مبتلا مريض جو علاج شروع ڪيو ويو آهي، ڳوٺ حاجي رستم ميؤ ۾ پڻ نوجوان نعمان پٽ رمضان ميؤ بيمار ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ ميرپورخاص جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن پاران ٽيسٽون ڪرائڻ بعد نوجوان نعمان جي پڻ ڊينگي وائرس ۾ ۾مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي وئي. ڳوٺ اسپري ناهي ڪرائي وئي، جنهن ڪري ڊينگي وائرس ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.