تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ڪوٽ غلام محمد ۾ برسات متاثر ملهه پهلوانن پاران مظاهرو

ڪوٽ غلام محمد ( ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد ۾ برسات متاثر ملهه پهلوانن خير محمد لنجواڻي، رجب ڌونڪائي، بهادر چوهاڻ، انور لنجواڻي، عبدالرسول سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊکڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڪوٽ غلام محمد جي ٻوڏ متاثر ملهه پهلوانن چيو ته هن قهري برسات ۾ اسان جا گهر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن اسين ۽ اسان جا ننڍا ٻچا روڊن رستن تي ننڌڻڪا ۽ بي يارو مددگار ويٺل آھيون، اسان جي نه ڪنهن واهر ڪئي آھي نه وري سهائتا ڪري سگهيا آھن هنن وڌيڪ چيو ته جيڪو به ٻوڏ متاثرين جو سامان آيو اهو هتان جي انتظاميا من پسند ماڻھن کي ورهائي ڏئي ڇڏيو آھي هنن چيو ته اسان جا ٻچا ٻار بيمار پيا آھن ۽راشن نه هجڻ ڪري بکيا ويٺا آھن. هنن پ پ پ ايم اين اي مير منور علي ٽالپر، پ پ پ ايم پي اي حاجي نور احمد ڀرڳڙي، ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ڊي سي ميرپورخاص کان واهر جي اپيل ڪئي آھي.

Bookmark the permalink.