تازا ترين
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڪوٽڙي پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، 8 ڄڻا گرفتار، عورتن ۽ مردن جو ٺٽو روڊ تي ڌرڻو،

پوليس بنا جواز ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان جي 8 ڄڻن کي کنڀي وئي آهي:ڳوٺاڻا

ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي پوليس پاران ڳوٺ تي چڙهائي ۽ اٺ ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ خلاف عورتن ۽ مردن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺ مانجهي برفت ۾ ڪوٽڙي پوليس ڇاپو هڻي 8 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي. پوليس جي چڙهائي ۽ ڳوٺاڻن جي گرفتاري خلاف عورتن ۽ مردن ڌرڻو هڻي ٺٽو روڊ بند ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس بنا جواز ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان جي 8 ڄڻن کي کنڀي وئي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس چڙهائي دوران چادر ۽ چئوديواري جي تقدس جو به خيال نه رکيو. ڌرڻي کي 3 ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ ڊي ايس پي ڪوٽڙي ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪيون. ڳالهين دوران پوليس ڳوٺاڻن کي گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ڳوٺ ۾ ڦر جي واقعن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي آهي. گرفتار ٿيل ڳوٺاڻا بيگناھ هوندا ته کين آزاد ڪنداسين، جيڪو ڏوهن ۾ ملوث هوندو ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.