تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

ڪوٽڙي: قتل ڪيس ۾ ٻن عورتن سميت چار جوابدار ٺاهه ٿيڻ تي بري

ڪوٽڙي (ڪورٽ رپورٽ) ڪوٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ 2017ع ۾ قتل ٿي ويل محمد راشد عباس جي قتل جي الزام ۾ گرفتار جوبدار شاه زمان، عبدالشڪور مسمات مريم ۽ جويريا کي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ ٻه بري ڪري ڇڏيو آهي. ڪوٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ 2017ع ۾ قتل ٿي ويل محمد راشد عباس جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ ٻه جي جج رحمت الله موريو جي عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي ۾ جوابدار شاه زمان، عبدالشڪور مسمات مريم مسمات جويريا ۽ فريادي مسمات طاهرا پيش ٿيا. عدالت ۾ ڌرين پاڻ ۾ ٺاهه جي درخواست جمع ڪرائي، جنهن بعد عدالت جوابدارن شاه زمان، عبدالشڪور مسمات مريم ۽ جويريا کي بري ڪري ڇڏيو.

Bookmark the permalink.