تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

ڪوٽڙي ضلعي ڪائونسل جي سال 21-2020 جي 46 ڪروڙ جي بجيٽ منظور

ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) ضلعي ڪائونسل ڄامشوري جي سال 2020-21 جي سالياني بجيٽ اڪثريت راءَ سان منظور، 46 ڪروڙ 39 لک 81 هزارن جي بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 23 ڪروڙ 72 لک رپيا رکيا ويا، پگهارن لاءِ 12 ڪروڙ ۽ ڪانٽيجينسي لاءِ 2 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا، سيوهڻ جي ميمبرن پاران ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جون شڪايتون، فنڊز جي کوٽ باوجود رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، ضلعي چيئرمين ملڪ شاهنواز خان جي صدارت ۾ ڪائونسل جو سالانا بجيٽ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ مجموعي طور تي 46 ڪروڙ 39 لک 81 هزارن رپين جي سالانا بجيٽ پيش ڪئي وئي، جيڪا اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي. مخالف ڌر جي وائيس چيئرمين صادق شوري اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. بجيٽ اجلاس ۾ ميمبرن کي ٻڌايو ويو ته ڪائونسل جي اڪائونٽ ۾ هن وقت ساڍا 17 ڪروڙ رپيا موجود آهن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت پاران سالانا او زيڊ ٽي شيئر جي مد ۾ ملندڙ رقم مان هن سال 2 ڪروڙ 76 لک گهٽ رقم ملي. حڪومت پاران 20 ڪروڙ 70 لک رپيا ملي سگهيا، دڪانن جي مسواڙ ۽ ٻين بقايائن مان به 15 لک رپيا گهٽ وصول ٿيا، سالياني بجيٽ ۾ پگھارن جي مد ۾ 12 ڪروڙ 50 لک، ڪانٽجنسي لاءِ 2 ڪروڙ 43 لک 90 ھزار، ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 23 ڪروڙ 72 لک 94 ھزار رکيا ويا آهن. اجلاس دوران ڪورونا وگهي مري ويل ماڻهن جي ايثال ثواب لاءِ دعا گهري وئي جڏهن ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت کي قدم کڻڻ لاءِ قراداد پاس ڪئي وئي، ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل جي چئيرمين ملڪ شاھنواز چيو ته فنڊز جي گھٽتائي باوجود وقت تي اسڪيمون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ۽ اسان ڪيترن ئي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ ڪوشش ڪئي اٿئون ته سڀني ڪائونسلرن کي گڏ کڻي هلون، جيڪي رھيل اسڪيمون آھن انھن کي به جلد پورو ڪيو ويندو، ملڪ شاهنواز وڌيڪ چيو ته سموري ضلعي ۾ مڇر مار اسپري پڻ ڪرايو آھي، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڊاڪٽر ڀون مل چيو ته ٻين ضلعن کان وڌيڪ اسان جي ضلعي ۾ وقت سر ڪم ڪرايا ويا آھن. ڪائونسل ميمبر سسئي راڄپر چيو ته ضلعي چيئرمين اسان سان ھر ڏکي وقت ۾ ساٿ ڏنو. ڪورونا وائرس جي وقت ۾ اسان سان رابطي ۾ رھيو. ڪائونسلر خورشيده بيگم چيو ته منهنجي تڪ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي ،بار بار اسڪيمون ڏنيون پر اڃا تائين پيئڻ جي پاڻي جو انتظام نه ٿي سگھيو آھي، ڪائونسل ۾ شامل سمورن ميمبرن بنا ڪنهن مخالفت جي اڪثريت راء سان بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

Bookmark the permalink.