تازا ترين
  • ڪراچي پوليس جو سربراهه غلام نبي ميمڻ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو*ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ ڪورونا جي تصديق بعد گهر ۾ آئسوليٽ ٿي ويو*
  • ڪراچي ۾ لاپتا ٿيل علي عمران 22 ڪلاڪن کانپوءِ ظاهر، گهرڀاتين سان فون تي رابطو*
  • *راڌڻ: پوليس اھلڪار نديم لاشاري جي ڪيس جو مک جوابدار گرفتار *سيھڙ پوليس ڳوٺ گھارو ۾ ڇاپو هڻي جوابدار جوابدار طالب سرگاڻي کي گرفتار ڪري ورتو*
  • *ٽنڊو محمد خان ويجهو رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر،4ڄڻا زخمي *مير غلام علي پارڪ سامهون رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو *حادثي ۾ شاهه رخ ڀٽي، اڪبر پرهياڙ، قربان بروهي ۽ فاروق گنمڀير زخمي*
  • *دادو: ڇاڻو شاهه آباد پاڙي ۾ ذهني توازن ٺيڪ نه هجڻ ڪري ناري پنجن سالن کان گهر اندر زنجيرن سان ٻڌل *ڌيءُ جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، غربت سبب علاج نه ڪرائي سگهيا آهيون: پيءُ گل محمد سهارڻ *ڌيءُ جا زنجير کوليون ٿا ته ماڻهن سان وڙهي ٿي، ڌيءُ جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي: ماءُ *
  • *بلاول ڀٽو زرداري جو لاهور ۾ احتجاج تي ويٺل بلوچستان جي شاگردن واري معاملي تي بيان *پٺ تي پيل علائقن جي شاگردن کي ننڍيون مراعتون به نه ڏيڻ ذهني طور پوئتي ڌڪڻ برابر آهي: بلاول *هڪ شاگرد جي ٻئي صوبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ثقافتي تبديلي جو سبب بڻجندو آهي: بلاول*
  • *مدئجي ويجهو اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت *مگسي لاڙي ڀرسان اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار غلام شبير ڌاريجو زخمي ٿي پيو *زخمي غلام شبير ڌاريجو کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *گهوٽڪي ۾ ميونسپل ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف زرعي دوائون هٿن ۾ کڻي انوکو احتجاج *ملازمن پگهارون جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ آپگهات ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو *جيڪڏهن پگهارون جاري نه ٿيون ته آپگهات ڪنداسين، ذميوار چونڊيل نمائندا ۽ لاڳاپيل آفيسر هوندا: ملازم*
  • *سنڌ جي ٻيٽن بابت جاري ڪيل آرڊيننس خلاف حيدرآباد ۾ عوامي پورهيت تحريڪ طرفان احتجاج *سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، ٻيٽن تي ڪنهن به قسم جي تعمير جي اجازت نه ڏينداسين: اڳواڻ *وفاقي حڪومت سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪري: اڳواڻ *وفاق سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهي: اڳواڻ *
  • *فيض گنج: صادق آباد مان مبينا اغوا بعد قيد ڪيل ناري ڳوٺ نور آباد ۾ پهچي وئي، تحفظ جي اپيل *عطا محمد اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪري گهر ۾ رسن سان ٻڌي ڇڏيو: بشرا خاتون *بس تي هوسٽ طور ڪم ڪندي هيس، هڪ عورت نوڪري ڏيارڻ بهاني گهرائي عطا محمد حوالي ڪيو: دانهون *جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪرايو وڃي: بشرا خاتون *بشرا سان شادي ڪئي آهي، الزام ڪوڙا آهن: اغوا جي الزام هيٺ آيل عطاءَ محمد*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيئرمين نيب جي رمضان شگر مل جو قرض رجسٽرڊ ڪرائڻ خلاف اپيل رد *عدالت ايس اي سي پي کي شگر مل جو قرض رجسٽرڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو: فيصلو *هاءِ ڪورٽ جي قرض رجسٽرڊ ڪرڻ خلاف نيب چيئرمين اپيل داخل ڪرائي هئي: فيصلو *چيئرمين نيب جي اپيل ٻڌڻي جوڳي ناهي، ان ڪري رد ڪئي وئي: فيصلو*
  • *چوھڙجمالي ڀرسان پورهيت جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *35سالن جو لال چندر واپاريءَ وٽ بورچي طور ڪم ڪندو هو*
  • *ڪراچي: پوليو جي عالمي ڏينهن تي ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن مان سائيڪل ريلي *ڪراچي: سائيڪل ريلي ۾ مردن توڙي عورتن جو وڏو انگ شامل *ريلي 2 تلوار کان سمنڊ ڪناري ويندي, جتان واپس 2 تلوار پهچي ختم ٿيندي*
  • *خيرپورناٿن شاھه ويجهو ڪڪڙ شاخ کي30فوٽ گهارو پئجي ويو *ڳوٺ مصري چانڊيو وٽان ڪڪڙ شاخ کي 30فوٽ گهارو پوڻ سبب ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتا، ڳوٺاڻا گهارو ٻڌڻ ۾ مصروف*
  • *رائونتي: قتل ٿيل ناري شبيران شر جو لاش پوليس پاران حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڳولڻ کان انڪار *گذريل رات جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ ناري کي قتل ڪرڻ بعد لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو: چو ٻول*

ڪوٽڙي بيراج وٽان سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو وڏو ريلو گذري ويو، وهڪرن ۾ ٻيهر لاٿ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪوٽڙي بئراج وٽان ٻوڏ واري پاڻي جو وڏو ريلو گذري ويو، وهڪرا ٻيهر هيٺانهين درجي جي ٻوڏ تي اچي ويا، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير پاران ٻوڏ جو پاڻي خير خوبي سان گذرڻ تي اطمينان، ٽن ڏينهن ۾ ٻوڏ واري پاڻي جو ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿي ويندو، صوبائي وزير جي ميڊيا کي بريفنگ. رپورٽ مطابق سنڌو درياهه ۾ هلندڙ سال ٻوڏ واري پاڻي جو وڏو وهڪرو ڪوٽڙي بئراج وٽان گذري ويو آهي ۽ پاڻي جو وڏو ريلو گذرڻ کانپوءِ بئراج تي هڪ ڀيرو ٻيهر هيٺانهين درجي جي ٻوڏ وارا وهڪرا رڪارڊ ٿيا آهن. ٻوڏ جي پاڻي جو وڏو وهڪرو 3 لک 595 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. 12 ڪلاڪن دوران پاڻي جي وهڪرن ۾ هڪ هزار 97 ڪيوسڪ جي لاٿ رڪارڊ ٿي. آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال ڪوٽڙي بئراج تي پهچي ٻوڏ واري پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو. ڪوٽڙي بئراج جي ڪنٽرول روم تي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي صوبائي وزير سنڌو درياهه جي ٽنهي بئراجن وٽان ٻوڏ جو پاڻي خير خوبي سان گذرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته گذريل 25 ڏينهن کان درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي ڪري هنگامي حالتون لاڳو رهيون. هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج وٽان سمنڊ 110 ميل پري آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽان گذريل پاڻي جو وڏو ريلو ٽن ڏينهن اندر سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ويندو. هن چيو ته سنڌو درياهه جي ڪنهن به بئراج وٽ هاڻي وچولي درجي جي ٻوڏ به ناهي ۽ پاڻي جا وهڪرا معمول تي اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته آبپاشي کاتي ٻوڏ واري هنگامي صورتحال دوران پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ان ڪري ڪٿي به ڪا اڻوڻندڙ صورتحال پيدا نه ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته چيف انجنيئرن جون ترقيون ٿيل آهن پر ٻوڏ واري صورتحال جي ڪري ترقيون ماڻيندڙن جي مقرري نه ڪئي وئي ته جيئن هنگامي صورتحال ۾ ڪو مسئلو پيدا نه ٿئي. هن چيو ته اسان صرف گڊو بئراج جي چيف انجنيئر کي هٽايو ڇاڪاڻ ته گڊو جي حد ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ٿي هئي، جيتوڻيڪ مقامي انتظاميا کي ان مسئلي کي منهن ڏيڻو هو پر ان جي باوجود اسان چيف انجنيئر کي هٽائي آر بي او ڊي جو چيف انجنيئر مقرر ڪيو آهي. هن اعتراف ڪيو ته بئراجن جي بحالي وارو پروجيڪٽ سستي جو شڪار آهي پر ان جو سبب ڪورونا جي لاڪ ڊائون واري صورتحال هئي. هن چيو ته جمهوريت جي حوالي سان پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي وڏڙن جون روايتون برقرار رکندي ڪامياب اي پي سي منعقد ڪرائي جنهن تي کيس مبارڪباد پيش ڪجي ٿي. هن چيو ته اي پي سي مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت واري ڏينهن منعقد ٿي ۽ اهو پيغام ڏنو ويو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي.

Bookmark the permalink.