تازا ترين
  • *دولتپور صفن ۾ رولو ڪتن جو آزار، 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ھڪ ئي 8 ڄڻن کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو، اسپتال منتقل*
  • *ملير: قائد آباد پل تي ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 28 ورهين جي وسيم پٽ ناصر طور ٿي *
  • *جھول ۾ بدامني خلاف ٿاڻي آڏو سول سوسائٽي جو احتجاج *چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *دوڙ تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 150 ٿي ويو: فوڪل پرسن *متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو پيو وڃي: فوڪل پرسن *
  • *نصيرآباد: ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي پاران ماڻهن جا سيمپلز وٺڻ وارو عمل جاري *شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي ٽيم 200کان وڌيڪ ماڻهن جا سيمپلز ورتا *رپورٽس ڪجهه ڏينهن اندر اينديون: صحت کاتو *
  • *سانگهڙ: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يونين ڪائونسل هٿونگو جي آفيس تي ڇاپو *اينٽي ڪرپشن ٽيم يوسي هٿونگو جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو *
  • *ڄام صاحب: ڪورونا جا 4ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *متاثرن ۾ 2 پوليس اھلڪار به شامل *
  • *ننگرپارڪر ويجهو نوجوان جو لاش هٿ *ڳوٺ خانپور ۾21 ورهين جي ھريش پٽ ڪٽيو ڪولھي جو لاش ھٿ *نوجوان کي پيٽ ۾ چاقو لڳل آهي: پوليس *پٽ رات ماني کائي 3 دوستن سان گڏ نڪتو ھو، صبح جو لاش مليو آھي: پيءُ *پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي: ڪٽيو ڪولھي *
  • *ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ريفرنس: آصف زرداري طرفان فرد جرم لاڳو ٿيڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت *آصف زرداري ڪورونا ۽ ٻين بيمارين سبب پيش نٿو ٿي سگهي: وڪيل جي احتساب عدالت کي آگاهي* احتساب عدالت طرفان آصف زرداري مٿان وڊيو لنڪ ذريعي فردم جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو * آصف زرداري سوڌو 14 جوابدار 4 آگسٽ تي طلب، نيب کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت *
  • *ميرپورخاص: رحيم نگر مان مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي گھران نڪتل ناري ٿاڻي تي پهچي وئي *19ورھين جي ناري راڻي لاگھاڻي سٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي پھچي وئي *مڙس سان ھاڻي گڏي رھڻ نٿي چاھيان: ناري راڻي لاگهاڻي *ناري جي مڙس جي چاچي نبي بخش لاگھاڻي ناري جي گم ٿيڻ بابت ٿاڻي تي درخواست ڏني ھئي *
  • *قبوسعيدخان وجهو تيز رفتار ڪار ڪلٽي، 2 ڄڻا زخمي *ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شهداڪوٽ اسپتال منتقل*
  • *ٺل ويجهو معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6ڄڻا زخمي *ڳوٺ جونسال ڪنڊراڻي ۾ ڪنڊراڻي ۽ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو*

ڪوٽڏيجي ۾ ملڪيت مامري تان نافرمان جو امڙ تي تشدد

ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ عارب سولنگي ۾ مليڪت جي لالچ ۾ نافرمان پٽ علي محمد سولنگي پنهنجي ساٿين سان گڏجي پنهنجي امڙ زيب النساءِ سولنگي ڀاءُ صابر سولنگي ۽ ڀاڄائي شھزادي مٿان لٺين، سروٽن، لتن ۽ مڪن جا وسڪارا ڪري ڏنا حملي ۾ پيرسن امڙ جي هڪ ٻانهن ڀڄي پئي، زيب النساءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏو پٽ علي محمد سولنگي ملڪيت جي لالچ ۾ پنهنجي ڀاءُ صابر ڀاڄائي شهزادي ۽ منهنجي مٿان حملو ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويو آهي ڪنب پوليس کي دانهن ڏني آھي پر پوليس نافرمان پٽ کي گرفتار نه پئي ڪري منهنجو وڏو پٽ علي محمد سولنگي غلط صحبت ۽ ملڪيت جي لالچ ۾ اچي ظالم ٿي ويو آهي هن اپيل ڪئي ته نافرمان پٽ کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.