تازا ترين
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

ڪوٽڏيجي مان کنڀيل نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم

خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت پوليس هٿان کنڀيل کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي کي ليٽر جاري ڪندي ضلعي جي سمورن ٿاڻن کان معلومات وٺي ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سيشن جج مشتاق احمد لغاريءَ جي عدالت تعلقي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ نصير فقير جلالاڻي مان پوليس هٿان کنڀيل نوجوان شهباز ڏنو بالادي جي بازيابي لاءِ سندس سئوٽ اميد علي ولد بشير احمد بلادي طرفان داخل ڪرايل پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته خيرپور ضلعي جي سمورن ٿاڻن جي پوليس کان کنڀيل نوجوان شهباز ڏنو بالادي بابت ڄاڻ حاصل ڪري رپورٽ ٻن ڏينهن اندر عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

Bookmark the permalink.