تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

ڪووڊ-19 اوچتو سنگهڻ واري حس ختم ڪري سگهي ٿو

ڪراچي (دلچسپ نيوز) برطانيا جي صحت جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ سنگهڻ واري حس اوچتو ختم ٿي وڃي ته امڪاني طور تي ان ۾ ڪورونا وائرس جي موجود هجڻ جي علامت ٿي سگهي ٿي. اهڙو انڪشاف هنن ڏکڻ ڪوريا، چين، فرانس، اٽلي ۽ آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جي تفصيلن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو آهي. سندسن چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي 30 سيڪڙو مريصن بيماري جون علامتون ظاهر ٿيڻ کان اڳ سنگهڻ واري حس جي اوچتي خاتمي بابت ٻڌايو. ان ڳالهه جو باضابطا اعلان برٽش رائنولوجيڪل سوسائٽي جي صدر پروفيسر ڪليئر هوپڪنز ۽ برٽش ايسوسيئيشن آف اورٽورائنوليرانگولوجي طرفان گڏيل بيان ۾ ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.