تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڪولاب جيئل جي يوسي لال بخش ڪانڌڙو جو ڊرينيج سسٽم ناڪارا

ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل لڳ يوسي لعل بخش ڪانڌڙو ۾ ڊرينيج جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، ٺيڪدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آهي، جنھن جي ڪري رھواسي سخت تڪليف ۾ آھن، سياسي سماجي اڳواڻن ڳڻتي جو اظهار ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسانجي ڳوٺ ۾ تازو ٺهيل ڊرينيج ۽ سي سي بلاڪ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي رولڙي جو شڪار ٿي ويو آھي، گهرن جو گندو پاڻي ڊرينيج جي کوهن ۾ ۽ ڊرينيج جي تلائن ۾ جمع موٽر بند پيل آھن، شھر جو مال گندي پاڻي ۾ وھنجي رھيو آھي. هنن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جا ووٽر هوندي به اسان جا ڪم رولڙي جو شڪار آھن ڪرپٽ ٺيڪيدار جي ڪن تي جون به نٿي سُري. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ڊي سي خيرپور ميرس اي سي ڪنگري کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي يوسي جي ڳوٺ لعل بخش ڪانڌڙو ۾ سي سي بلاڪ ۽ ڊرينيج سسٽم جو ڪم مڪمل ڪرائي تلائن مان بيٺل گندو پاڻي نيڪال ڪرائي ڳوٺاڻن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Bookmark the permalink.