تازا ترين
  • *ڪراچي: تعليم کاتي جا آفيسر ۽ ملازم بنا اجازت سيڪريٽريٽ نه اچن: سرڪيولر جاري*
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

ڪور ڪمانڊر تي حملو ڪيس: 9 ڏوهارين جي موت واري سزا برقرار: 2 بري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪور ڪمانڊر تي حملي واري ڪيس ۾ 9 ڏوهارين جي موت واري سزا برقرار رکي ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪور ڪمانڊر تي حملي واري ڪيس تي ٻڌڻي بعد فيصلو جاري ڪيو ويو آهي. عدالت حملي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 9 ڏوهارين کي مليل ڦاهيءَ جي سزا برقرار رکي ڇڏي، جڏهن ته ٻن جوابدارن يعقوب سعيد خان ۽ نجيب الله کي بري ڪيو ويو آهي.
حملو ڪيس ۾ جِن ڏوهارين جي موت واري سزا برقرار رکي وئي آهي، اُنهن ۾ جوابدار عطاءُ الرحمان، شهزاد باجوه، دانش امام خرم سيف الله، عزيز احمد، شهزاد مختار، رائو خالد، شعيب صديقي ۽ ممدا خالد شامل آهن. واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪور ڪمانڊر احسن سليم حيات تي حملي واري ڪيس جو 2006ع ۾ فيصلو ٻڌايو هو، جنهن ۾ جوابدارن کي ڦاهيءَ جي سزا ڏني وئي. حملي ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا هئا.

Bookmark the permalink.