تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

ڪورونا کي منهن ڏئي نٿو سگهين ؟ ڊي جي هيلٿ کي هٽايو ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان گهربل ڪردار ادا نه ڪرڻ تي صحت کاتي جي ڊي جي کي هٽايو ويو، سنڌ جي چيف سيڪريٽري صحت کاتي جي ڊي جي 20هين گريڊ جي ڊاڪٽر مبين ميمڻ کي هٽائي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر مقرر ڪيو آهي، جتان 19هين گريڊ جي ڊاڪٽر ارشاد احمد ميمڻ کي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت 19هين گريڊ جو جونيئر ڊاڪٽر 20 هين گريڊ جي ڪيترن ئي سينيئر ڊاڪٽرن جو ”باس“ بڻجي ويو آهي، صحت کاتي جي ذريعن موجب ڪورونا جي حوالي سان سنڌ سرڪار پاران 25 ڏينهن اڳ ڊي جي کي 10 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ باوجود ڊي جي صحت سرڪاري اسپتالن جي اسٽاف کي گهربل حفاظتي سامان ماسڪ . گائون دستانا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو، جنهن سبب کيس هٽايو ويو.

Bookmark the permalink.