تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

ڪورونا وبا سموري دنيا جي معيشت کي نقصان پهچايو، الله پاڪ پنهنجي پرهيزگار ٻانهن کي آزمائيندو آهي ۽ هو ڪامياب ٿي ويندا آهن:صدر/وزيراعظم

سموري دنيا هن وقت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهي آهي: عمران خان

شهري جانورن جي قرباني دوران مسڪين ماڻهن کي نه وسارين: جاري پيغام

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا وبا سموري دنيا جي معيشت کي نقصان پهچايو، الله پاڪ پنهنجي پرهيزگار ٻانهن کي آزمائيندو آهي ۽ هو ڪامياب ٿي ويندا آهن، صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو عيد الاضحيٰ تي قوم کي پيغام، مسڪين ماڻهن جي مدد جي اپيل، وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سموري دنيا هن وقت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهي آهي، عوام عيد الاضحيٰ تي احتياط ڪري، شهري جانورن جي قرباني دوران مسڪين ماڻهن کي نه وسارين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت ٻين اڳواڻن پاران به عيد تي عوام لاءِ پيغام جاري ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.