تازا ترين
  • *واهي پانڌي: نئن نلي تي ڊيم ٺاهڻ خلاف جمالي ۽ شاهاڻي برادري پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مظاهرين اسپتال کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو،ڇتي نعريبازي *نئن نلي جي قدرتي وهڪري تي سمال ڊيم ٺهڻ سان زمينون بنجر ٿي وينديون: مظاهرين *
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

اسلام آباد آئسوليشن وارڊ مان فرار ٿيل ڪورونا وائرس جو مريض نواب شاهه مان هٿ

پوليس ۽ رينجرز ريل کي روڪي مريض کي لاهي ورتو، ٻيهر آئسوليشن وارڊ منتقل

متاثر نوجوان ٽرين ۾ موجود ٻين مسافرن جي صحت کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو

نواب شاهه (ن پ ا) اسلام آباد انتظاميا جي نااهليءَ سبب آئسوليشن وارڊ مان فرار ٿيل ڪورونا وائرس جي مريض کي نواب شاهه ۾ عوامي ايڪسپريس مان هٿ ڪيو ويو. پوليس ۽ رينجرز اٽالن پنڊي کان ڪراچي ويندڙ عوامي ايڪسپريس مان هٿ ڪرڻ بعد مريض کي آئسوليشن وارڊ منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪورونا متاثر نوجوان ٽرين ۾ موجود ٻين مسافرن جي صحت کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ڪورونا وائرس ۾ ورتل سيوهڻ واسي نوجوان اسلام آباد جي آئسوليشن وارڊ مان فرار ٿي ٽرين ۾ چڙهي ڳوٺ روانو ٿيو هو، اطلاع ملندي نواب شاهه پوليس حرڪت ۾ اچي نوجوان کي ريل مان لاهي ورتو. ٻڌايو وڃي ٿو ته اسلام آباد ۾ هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ سيوهڻ واسي نوجوان کي ڪورونا وائرس هئڻ سبب آئسوليشن ۾ منتقل ڪيو ويوهو، جتان هو گذريل ڏينهن فرار ٿي عوامي ايڪسپريس ۾ سوار ٿي ڳوٺ روانو ٿيو هو

Bookmark the permalink.