تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

ڪورونا وائرس پوري دنيا ۾ 23 هزار کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڪورونا وائرس پوري دنيا ۾ 23 هزار کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، متاثرن جو انگ 5 لک 10 هزار 645 ٿي ويو. آمريڪا ۾ فوتين جو انگ 1000 ٿي ويو، هڪ ڏينهن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿي ويا. هاپڪنز يونيورسٽي پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب سڀ کان وڌيڪ فوتگيون اٽلي ۾ ٿيون آهن، جتي 503،7 ماڻهو ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن. اسپين ۾ 647،3 چين ۾ 163،3 ايران ۾ 077،2 فرانس ۾ 331،1 امريڪا ۾ 031، 1 برطانيا ۾ 465، نيدرلينڊز ۾ 356، جرمني ۾ 206، بيلجئم ۾ 178 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن. چين ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو انگ 667، 81 اٽلي ۾ 386،74 امريڪا ۾ 572،68 اسپين ۾ 515،49 جرمني ۾ 323،37 ايران ۾017،27 فرانس ۾ 600، 25 سوئزرلينڊ ۾ 897،10 برطانيا ۾ 640،9 جڏهن ته سائوٿ ڪوريا ۾ 137 ، 9 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن. هيل تائين هڪ لک 14 هزار ماڻهو هن وائرس مان صحتياب ٿي چڪا آهن. هيل تائين ڪورونا وائرس دنيا جي 173 ملڪن تائين پکڙجي ويو آهي. اسرائيل ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس سبب 5 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 2030 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي. سعودي عرب ۾ ٻيو شهري فوت ٿيڻ بعد 21 ڏينهن جي لاءِ ملڪ گير ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، ماڻهن کي رياض، مڪي ۽ مديني وڃڻ کان روڪيو ويو آهي، مصر ۾ ڪورونا وائرس سبب 20 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته 402 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن. ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ هڪ مريض فوت ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 11 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.

Bookmark the permalink.