تازا ترين
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڪورونا وائرس:سڄي دنيا ۾ فوتين جو انگ 32 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو، آمريڪا ۾ هڪ لک کان وڌيڪ متاثر

اٽلي ۾هيل تائين 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چُڪا، آمريڪا ۽ اسپين ۾ به فوتين جو انگ وڌي ويو

برطانوي وزيراعظم بورس جانسن، شهزادي چارلس،هيلٿ سيڪريٽري سميت ڪيتريون اهم شخصيتون وائرس ۾ ورتل

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو انگ ساڍن 6 لکن کان وڌيڪ ٿي ويو، جڏهن ته فوتين جو انگ 32 هزارن کان به ٽَپي ويو، بيماري ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ هڪ لک 46 هزار کان وڌيڪ آهي، آمريڪا ۾ ان وائرس جي متاثر ماڻهن جو انگ هڪ لک کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، جيڪو چين کان وڌيڪ آهي، آمريڪا ۾ ڪورونا سبب 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، برطانوي وزيراعظم بورس جانسن، ان جي هيلٿ سيڪريٽري ۽ صحت واري وزير ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي، اٽلي ۾ ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، وائرس سبب 10000 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، چين عارضي طور تي غيرملڪين جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي جو اعلان ڪيو آهي، چين جي صدر شي جن پنگ ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڪورونا وائرس بابت پيش خطرن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي، آسٽريليا جي وزيراعظم چيو آهي ته ٻين ملڪن مان ايندڙ شهرين کي هوٽل ۾ قرنطينه ڪيو ويندو، جڏهن ته انڊيا جي حڪومت تقريبن 23 ارب جي امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.