تازا ترين
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

ڪورونا وائرس: ٺٽي، بدين ۽ سجاول ۾ جيٽيون ۽ فش ھاربر بند ڪرڻ جو فيصلو

سامونڊي پٽي ۾ قلم 144 لاڳو: جيٽيز ۽ بندر گاهون بند ڪري مهاڻن جي اسڪريننگ جي هدايت

سجاول(رپورٽر) ٺٽي ۽ سجاول ۾ جيٽيون ۽ فش ھابر بند ڪرڻ ۽ مهاڻن جي اسڪريننگ جو فيصلو. ان ڏس ۾ ڪرونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب سنڌ حڪومت سامونڊي علائقن جون جيٽيز ۽ بندرگاھ بند ڪري مهاڻن جي اسڪريننگ جو فيصلو ڪيو آھي. ڪمشنر حيدرآباد سجاول، ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي ڊي سيز کي خط لکي ھدايت ڪئي آھي ته شاھبندر ۽ جاتي تعلقن سميت سموري سامونڊي پٽي تي قائم جيٽيز ۽ بندرگاھن کي فوري طور بند ڪري اتي صحت کاتي جون ٽيمون مقرر ڪيون وڃن. ڪمشنر موجب مهاڻن جي اسڪريننگ ڪري وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ اپاءُ ورتا پيا وڃن.سامونڊي پٽي جي جيٽيز ۽ بندرگاھن تي عام ماڻھن جي وڃڻ تي پابندي لڳائي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آھي.

Bookmark the permalink.