تازا ترين
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*
  • *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا ۾ فوتين جو انگ 42 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو * عالمي وبا جي ڪري معاشي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي رهي آهي:ورلڊ بينڪ *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا متاثر، فوتين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو *

ڪورونا وائرس روڪڻ لاءِ اپاءِ: حيدرآباد ۽ ڄامشورو ۾ قرنطينه سينٽر ٺاهڻ لاءِ ٻن عمارتن جي چونڊ

حيدرآباد ۾ 1504 ۽ ڄامشورو ۾ 512 فليٽس تي سينٽرز قائم ڪيا ويندا

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڪورونا وائرس جي امڪاني وبائي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حيدرآباد ضلعي ۾ هوسڙي باءِ پاس ٽنڊو محمد خان روڊ لڳ ليبر کاتي حڪومت سنڌ جي 1504 فليٽن ۽ ڄامشورو ضلعي جي تعلقي ڪوٽڙي ۾ ليبر کاتي جي 512 فليٽن کي ڪوارنٽائين سينٽربڻائي اتي بجلي ، گئس ۽ خوراڪ سميت تمام گهربل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي _ اهڙو فيصلو ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ اڄ پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ سنڌ جي وڏي وزير پاران ڏنل هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بنائڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو _ هن ڊويزن جي سڀني ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي پڻ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ سروي ڪري فوري طور تي ڪوارنٽائين سينٽر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي _ ان موقعي تي هن حيسڪو ، سوئي گيس ۽ واسا سميت ٻين عوامي خدمتن جي فراهمي وارن ادارن جي لاڳاپيل عملدارن کي ڊويزن جي سڀني ضلعن ۾ قائم ڪيل ڪوارنٽائين سينٽرن ۾ صفائي سٿرائي سميت سينيٽائيزر جي موجودگي کي يقيني بنائڻ سميت پبلڪ آفيسن ۾ پڻ حڪومت پاران هيلٿ ايڊوائيزري تي عملدرآمد کي يقيني بنائڻ لاءِ سخت هدايت ڪئي _ ڊويزنل ڪمشنر چيو ته ضرورت پوڻ تي سرڪاري اسڪولن ۽ ٻين سرڪاري عمارتن کي پڻ ڪوارنٽائين سينٽرن لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿو _ هن سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي ان حوالي سان پنهنجن ضلعن لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪن جيڪي ضلعن ۾ ڪوارنٽائين سينٽرن ۾ سهولتن جي فراهمي ۽ ڪانٽيجنسي پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين _ هن چيو ته ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به عملدار يا عملي جي لاپرواهي يا ڪوتاهي تي ان جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي _ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد عائشه ابڙو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءُ بابت ڪيل انتظامن جي حوالي سان ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد کي تفصيلي آگاهي ڏني _ گڏجاڻي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.

Bookmark the permalink.