تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

ڪورونا وائرس: بهتر ڪردار ادا نه ڪرڻ تان ڊي جي صحت سنڌ تبديل

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان گهربل ڪردار ادا نه ڪرڻ تان صحت کاتي جي ڊي جي کي هٽايو ويو، سنڌ جي چيف سيڪريٽري صحت کاتي جي ڊي جي 20هين گريڊ جي ڊاڪٽر مبين ميمڻ کي هٽائي کيس ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر مقرر ڪري ڇڏيو، جتان 19هين گريڊ جي ڊاڪٽر ارشاد احمد ميمڻ کي بدلي ڪري کيس ڊائريڪٽر جنرل صحت مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت 19هين گريڊ جو جونيئر ڊاڪٽر 20هين گريڊ جي ڪيترن ئي سينيئر ڊاڪٽرن جو بگ باس بڻجي ويو آهي، صحت کاتي جي ذريعن موجب ڪورونا جي حوالي سان سنڌ سرڪار پاران 25 ڏينهن اڳ ڊي جي کي 10 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ باوجود هو سرڪاري اسپتالن جي اسٽاف کي گهربل حفاظتي سامان فراهم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا نه ڪيو، جنهن سبب کيس هٽايو ويو.

Bookmark the permalink.