تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ڪورونا: ناسا چهري کي ڇهڻ تي خبردار ڪندڙ هار تيار ڪري ورتو

ڪراچي (دلچسپ نيوز) آمريڪي خلائي اداري ناسا هڪ اهڙي ڊيوائيس تيار ڪئي آهي جيڪا نوول ڪورونا وائرس کي پکيڙجڻ کان روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. ناسا جي جيٽ پروپلسيون ليبارٽي هڪ نيڪليس يا هار تيار ڪيو آهي جيڪو ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ماڻهن کي خبردار ڪندو آهي ته هو پنهنجي چهري کي ڇهڻ وارا آهن. هن ڊيوائيس کي پلس جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان کي ٿري ڊي پرنٽر جي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي. هن ۾ هڪ سينسر لڳايو ويو آهي جيڪو ان وقت وائبريشن پيد اڪري ٿو جڏهن اوهان هٿ چهري ڏانهن وڌايو ٿو. هٿ چهري جي جيترو ويجهو ويندا وائبريشن اوترو ئي تيز ۽ طاقتور هوندو. ناسا طرفان جاري ڪيل بيان موجب هن ويئيرايبل ڊيوائيس جو مقصد ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي. وائرس ان وقت پکڙجي ٿو جڏهن ڪو فرد ڪنهن سطح کي هٿ سان ڇهي ٿو ۽ پوءِ اکين، نڪ يا منهن کي ڇهي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن ڊيوائس مان ماڻهن کي اندازو ٿي سگهندو ته ماڻهو پنهنجي هٿن سان چهري کي سڄي ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا ڇهن ٿا. هي اهڙو لاشعوري رويو آهي جنهن تي ڪير ڌيان ناهي ڏيندو. آمريڪي اداري جو چوڻ هو ته هي ڊيوائس گهٽ قيمت ۽ آساني سان ڪير به تيار ڪري سگهي ٿو. هن کي تيرا ڪرڻ جو طريقيڪار ۽ پرزن جي لسٽ اوپن سروس فراهم ڪئي وئي آهي ۽ ڪير به انهن جي مدد سان مفت ۾ ڊيوائس تيار ڪري سگهي ٿو. هوڏانهن ٻيون ڪمپنيون پڻ پنهنجين شين کي اپ ڊيٽ ڪري رهيون آهن جيئن ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪي سگهجي.

Bookmark the permalink.