تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ڪورونا صورتحال ۾ به هزار کان وڌيڪ ڊاڪٽر ڊيوٽين تان غيرحاضر

ڪراچي: صحت کاتي ۾ سالن کان پگھارون کڻندڙ غيرحاضر ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي صحت کاتي جي اختيارين لاءِ سواليا نشان بڻيل، غيرحاضر ڊاڪٽرن کي رڳو شوڪاز نوٽيس ڏنا وڃن ٿا، اڃا تائين ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا واري صورتحال بعد ڊاڪٽرن جي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ پاسي سنڌ حڪومت پاران نوان ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي انهن ڊاڪٽرن خلاف به ڪارروايون نه  پيون ڪيون وڃن جيڪي ڪيئي سالن کان غيرحاضر آهن ۽ پگھارون به کڻي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ مان 1500 ڊاڪٽر غير حاضر هئا پر انهن کي ڪيترائي ڀيرا شوڪاز ڏيڻ بعد 300 کان مٿي ڊاڪٽر واپس اچي ويا پر هن وقت به هڪ هزار کان مٿي ڊاڪٽر غيرحاضر آهن پر انهن جي خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.