تازا ترين
  • آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا جي چوڻ تي ڪيل ٽن قتلن ۾ ملوث آهيان: نثار مورائي جو اعتراف*آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا جي چوڻ تي عالم بلوچ کي قتل ڪيو ويو: نثار مورائي*1997ع ۾ نثار مورائي، نواب لغاري، ظفر ميراڻي ۽ سندس سالي حيدرآباد ۾ عالم بلوچ کي قتل ڪيو*آصف زرداري ٽنڊي الهيار ۾ 4 ڪروڙ رپين عيوض عالم بلوچ جي ويڳي ڀاءُ کان زمين خريد ڪئي: نثار مورائي*
  • ڪراچي:عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ ٽائيم نيوز کي ملي وئي*ڪراچي: عذير بلوچ 185 ماڻهن کي قتل ڪيو: جي آءِ ٽي رپورٽ*ڪراچي: عذير بلوچ 2003ع ۾ ارشد پپو هٿان پنهنجي پيءَ جي قتل غفار ذڪري گروپ جوائن ڪيو*عذير بلوچ جي سفارش تي ايس پي اقبال ڀٽي لياري ٽائون جو ٽي او مقرر ٿيو:جي آءِ ٽي رپورٽ*
  • *امريڪا 100 وينٽيليٽرز پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيا آهن: امريڪي سفارتخانو *100وينٽيليٽرز جي کيپ ڪراچي پهچي وئي:امريڪي سفارتخانو *وينٽيليٽرز يو ايس ايڊ طرفان ڏنا ويا آهن: امريڪي سفارتخانو *وينٽيليٽرز جي ماليت 3 ملين ڊالر آهي: امريڪي سفارتخانو *ڪورونا خلاف جنگ ۾ واشنگٽن پاڪستان سان گڏ آهي: امريڪي سفارتخانو *
  • *شهباز شريف جو وڊيو اسڪيندل ۾ جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ واري فيصلي تي ردعمل *ثابت ٿي ويو ته نواز شريف خلاف فيصلو سچ تي ٻڌل نه هو: شهباز شريف *انصاف جي تقاضا آهي ته نواز شريف جي سزا فوري طور ختم ڪئي وڃي: شهباز شريف*
  • *سانگهڙ ۾ وڌيڪ 48 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، متاثرن جو انگ 569 ٿي ويو *332ڄڻن مان 8 عورتن ۽ ٻن ڊاڪٽرن سميت 48 جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *لعلورائنڪ: بيسڪ هيلٿ سينٽر جي ٽن ملازمن جي ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ٽي ڏينهن اڳ اسپتال جي سموري عملي جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 3ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق *لعلورائنڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 5ٿي ويو، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *
  • *جيڪب آباد: بجلي ٺاهڻ دوران ٿنڀي تان ڪري فوت ٿيل پرويز دستي جي وارثن جو احتجاج *فوتي پرويز دستي جي وارثن پاران قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو، سيپڪو انتظاميه خلاف نعريبازي *اسان جي نوجوان کي سارش تحت قتل ڪيو ويو آهي: وارث *
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار *چيف جسٽس اطهر من الله بنا ماسڪ وارن کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *عدالت ماسڪ بغير ايندڙ ماڻهن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي آهي: چيف جسٽس*
  • *راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾پوليس جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي *ڏوهارين ۽ پوليس ۾مقابلو، هٿياربندن پاران اي پي سي چين مشين تي راڪيٽ فائر *ايس ايڇ او خانپور مهر مٺل ککراڻي، ايس ايڇ او جروار وحيد ڀٽو ۽ اي ايس آءِ سهراب چاچڙ سميت 7 اهلڪار زخمي *قتل ڪيس ۾گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي ته ڏوهاري سان مقابلو ٿي پيو: پوليس *
  • *عمرڪوٽ: نيشنل بئنڪ ٻاهران ماڻهن جا هجوم لڳل، ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو خدشو *انتظاميا سماجي وٿيءَ تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام *
  • *چڪ ويجهو 3 ڏينهن اڳ ٻڏي ويل پيرسن جو لاش اسلام پتڻ وٽان هٿ *غريب آباد محلي واسي پيرسن محمد عمر ربنائي مهر جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *گهوٽڪي: مريد شاخ ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي، ٻن عورتن سميت4 ڄڻا فوت، ڊرائيور زخمي *ڪلٽي ٿيڻ بعد ڪار کي باهه لڳي، فوتين جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي *لاش ۽ زخمي ڊرائيور کي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪار ڪراچي کان پنجاب طرف وڃي رهي هئي، ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب حادثو پيش آيو *
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار ڊائريڪٽر هيلٿ جي عهدي تان هٽايل آفيسر کي ٻيهر مقرر ڪري ڇڏيو *ڪراچي: ڪي ايم سي جي 19هين گريڊ جي سلمه ڪوثر عباسي ڊائريڪٽر طور مقرر *ڪراچي:سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري *
  • *پنو عاقل: ڪورونا جا وڌيڪ 4ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ58 ٿي ويو *2 ڏينهن اڳ51 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، چئن ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *سنجهوري ۾استاد جي گهران چوري جو ڊراپ سين، سندس ننهن ملوث نڪتي، سامان هٿ *ثناءُ الله آرائين جي گهران ٿيل چوري ۾سندس ننهن لائبه ۽ ان جو ڀاءُ ڪاشف ملوث آهن: پوليس *جوابدارن جي نشاندهي تي هڪ لک 15 هزار رپيا روڪ ۽ 4 چوڙيون هٿ ڪيون آهن: پوليس *

ڪورونا سبب 2 ايم پي ايز سوڌو وڌيڪ 76ڄڻا فوت: 24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ 5 هزار ڪيس ظاهر

ڪراچي/اسلام آباد (نمائندن وٽان) ڪوروناوائرس سبب ٻن ايم پي ايز سوڌو وڌيڪ 76 متاثر فوت ٿي ويا، 24 ڪلاڪن دوران 5002 ڪيس سامهون آيا، جنهن بعد سڄي ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 83 هزار 292 ٿي ويو ۽ فوتين جو انگ 1729 ٿي ويو. سنڌ ۾ وڌيڪ 29 متاثر فوت ٿي ويا ۽ 1824 نون ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي. جنهن بعد متاثرن جو انگ 32 هزار 190 ٿي ويو، فوتين جو تعداد 555 تي پهتو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا صورتحال بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پهريون ڀيرو سڀ کان وڌيڪ 7547 نمونن جي جاچ ڪئي وئي جنهن مان سڀ کان وڌيڪ 1824 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن جڏهن به وڌ کان وڌ ٽيسٽون ڪيون آهن تڏهن وڌيڪ ڪيس معلوم ٿيا آهن جنهن جو مطلب اهو آهي ته مقامي ٽرانسميشن صوبي ۾ پکڙجي وئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا وائرس جا 29 وڌيڪ مريض فوت ٿي چڪا آهن جنهن کانپوءِ فوت ٿيندڙن جو انگ 555 يعني ٿي ويو آهي. هن وقت 16333 مريضن جو علاج جاري آهي، 367 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن مان 56 کي وينٽيليٽرز تي رکيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير موجب 487 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، صحتياب ٿيندڙن جو انگ 16022 تائين پهچي چڪو آهي جيڪو 49 سيڪڙو آهي. هن ٻڌايو ته 1824 ڪيسن مان 1284 جو تعلق ڪراچي سان آهي جنهن ۾ ضلعي اوڀر 323 ، ضلعي ڏکڻ 299 ، ضلعي سينٽرل ۾256 ، ضلعي ڪورنگي 227 ، ضلعي ملير 120 ۽ ضلع اولهه 59 شامل آهن. ٻين ضلعن بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته حيدرآباد 73 ، گهوٽڪي 36 ، شڪارپور 24 ، ڄامشورو ۽ ڪشمور 13-13 ، قمبر شهدادڪوٽ 10 ، خيرپور ۽ دادو 9-9 ، ميرپور خاص ۽ سجاول 8-8، جيڪب آباد ۾ 7 ، نوابشاهه ۽ بدين ۾ 4 ۽ سانگهڙ ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته لاڪ ڊائون کي آسان بڻايو ويو آهي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي به اجازت ڏني وئي آهي تنهنڪري ماڻهن کي وڌيڪ محتاط رهڻو پوندو. فوتين ۾ ڪراچي ۾ 8 عورتن سميت 27 ڄڻا شامل آهن، شڪارپور ۽ خيرپور ۾ هڪ هڪ متاثر فوت ٿيو.دادو شهر ۾ هڪ ئي خاندان جي 10 ڀاتين کي ڪورونا جي تصديق ٿي، حيدرآباد ۾ 2 متاثر فوت ٿي ويا، سول اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته فوتي مريضن ۾ ڪراچي جي علائقي ماڊل ڪالوني ملير جو رهواسي 35 سالن جو سيد توقير ولد قمر علي ۽ لطيف آباد نمبر 10 جو رهواسي 80 سالن جو پروفيسر حسن عسڪري ولد مشهد حسين عسڪري شامل آهن، حسن عسڪري کي هفتو اڳ هلال احمر اسپتال ۾ داخل ڪرڻ تان اسپتال جي انتظاميا ۽ ايڊيشنل ڪمشنر ٽو ۾ تڪرار به پيدا ٿيو هو، ٿرپارڪر ۾ 9 ڄڻن کي ڪورنا جي تصديق ٿي جنهن ۾ ڏيپلو اسپتال جا ٻه ملازم به شامل آهن. ايڊيشنل آءِ جي سکر جي ترجمان رخسانه منگي جو والد پڻ ڪورونا سبب فوت ٿي ويو، سينٽرل جيل سکر ۾ 10 قيدين کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي. پنو عاقل ۾ 6 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق ٿي، شڪارپور واسي 80 ورهين جو حسن الدين لوهار ڪورونا سبب گمس اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ فوت ٿي ويو. ٽنڊوغلام علي سول اسپتال جي ڊاڪٽر عباس باگراڻي جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي. ٽنڊي ڄام ۾ اسپيشل برانچ جي اهلڪار رائو اسرار جي ٽيسٽ پازيٽو آئي، سجاول ضلعي ۾ هڪ ڪٽنب جي 6 ڀاتين سميت 12 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق ٿي. ڪوٽڙي ۾ ڪورونا جا 3 نوان ڪيس سامهون آيا، سن ۾ هيلٿ ورڪر مانجهد واسڻ ڪونج خاصخيلي، صبا ميمڻ ۽ ڀاڳل ملاح کي ڪورونا جي تصديق ٿي. هوڏانهن پنجاب ۾ 30 متاثر فوت ٿي ويا ۽ 1639 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، بلوچستان ۾ 710 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، 2 متاثر فوت ٿي ويا ڪي ڪي پي ۾ 476 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ 10 متاثر فوت ٿي ويا، اسلام آباد ۾ 4 فوت ۽ 295 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، گلگت ۾ 45 ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي آزاد ڪشمير ۾ 13 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ هڪ متاثر فوت ٿي ويو. جڏهن ته خيبرپختونخوا پي ٽي آءِ جو ايم پي اي جمشيد الدين ڪاڪاخيل ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو، پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ ايم پي اي شوڪت منظور چيما پڻ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو، ان کانسواءِ ڪي پي اسيمبلي جا ٻه ميمبر اي اين پي سان تعلق رکندڙ فيصل زيب خان ۽ صلاح الدين کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، بلوچستان جي راندين واري وزير عبدالخالق هزاره جي پڻ ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي. خيبرپختونخوا جي هيلٿ سروسز جو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طاهر نديم پڻ ڪورونا سبب آئسوليٽ ۾ هليو ويو.

Bookmark the permalink.