تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

ڪورونا ايمرجنسي: صوبائي وزير سردار شاهه دورن تي نڪتل!

ڪنري/ پٿورو/ ڍورونارو:(نمائندن وٽان) صوبائي وزير سيد سردار شاھ دوري تي ڪنري، ٿورو ۽ ڍورو نارو پھتو، صوبائي وزير سيد سردار شاھ چيو ته ضلعي ۾ اڃا تائين ڪوبه ڪورونا وائرس جو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي جون ٽيمون ٻاھران ايندڙ ماڻھن جي اسڪريننگ ڪري رھيون آھن، ھن چيو ته ماڻھو سهڪار ڪن ۽ ٻاھران ايندڙ ماڻھن جي اطلاح ڏين ته جئين ھنن کي اسڪريننگ ڪري ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ جو روڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته سڀ کان پھرين سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا جنھن بعد پورو ملڪ لاڪ ڊائون ڏانھن وڃي پيو ۽ لاڪ ڊائون کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل ڪونھي، انڪري سنڌ مان ڪافي ماڻھو صحتياب ٿيا ۽ قرنطينہ مان نڪري پنھنجي گھر ويا آھن ماڻھن تعاون ڪيو ته ايندڙ چند ڏينھن ۾ ڪورونا وائرس تي مڪمل ڪنٽرول ڪيو ويندو، سردار شاھ چيو ته سنڌ حڪومت صورتحال کان متاثر ٿيندڙ غريب ماڻھن ۽ مزدورن جي ڀرپور مالي مدد ۽ کين راشن ڏنو ويندو، سول سوسائٽي جي ماڻھن تي مشتمل ٽيمون جوڙيون ويون آھن جيڪي گھر گھر وڃي راشن ڏينديون، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت وٽ طبي عملي جي حفاظت جي حوالي سان تمام ضروري سامان پھچي ويو آھي جيڪو سرڪاري اسپتالن ۾ فوري طور ڏنو ويندو. ھڪ پاسي سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ميڙاڪن تي پابندي لڳائي وئي آهي ٻئي پاسي صوبائي وزير ڪرونا وائرس جي حوالي سان قائم ڪيل ڪميٽي جو ميمبر ھوندي قافلي سان گھمي رھيو آهي.

Bookmark the permalink.