تازا ترين
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

ڪوروناوائرس ۾ مبتلا ڊاڪٽر سان ملاقات: وائرس جي خدشي سبب جرمن چانسلر اينجلا مرڪل به قرنطينه منتقل

اينجلا جنهن ڊاڪٽر سان ملاقات ڪئي هئي، ان کي وائرس جي تصديق ٿي آهي: ترجمان

ڪراچي(م ڊ) جرمن چانسلر اينجلا مرڪل کي به قرنطينه ۾ رکيو ويو. جرمن چانسلر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اينجلا مرڪل جمعي تي جنهن ڊاڪٽر سان ملاقات ڪئي، ان کي ڪورو وائرس جي تصديق ٿي، جنهن سبب اينجلا پاڻ به قرنطينه ۾ منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. اينجلا مرڪل کي آچر ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس بعد ڄاڻايل ڊاڪٽر جي پازيٽو ٽيسٽ اچڻ بابت آگاهه ڪيو ويو، واضح رهي ته جرمني ۾ ڪورونا وائرس سبب ٻن هفتن لاءِ گهر يا آفيس کان ٻاهر 2 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي لاڳو ٿيل آهي.

Bookmark the permalink.