تازا ترين
  • *گمبٽ ۾ بيروزگار نوجوان راشن نه هجڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو*
  • *ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جي راڪاس جا لامارا جاري، وڌيڪ 5 معصوم گلڙا ڪومائجي ويا*
  • *ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ ايراني صدر حسن روحاني پاران عالمي مالياتي اداري کي ايمرجنسي لون جي اپيل * ڪورونا وائرس کي شڪست لاءِ 5 ارب ڊالرز ايمرجنسي لون ڏنو وڃي: ايراني صدر حسن روحاني *
  • *ٽوئٽر جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جيڪ ڊورسي پاران اثاثن مان هڪ ارب ڊالرز ڪورونا وائرس رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان * ڪورونا وائرس رليف فنڊ لاءِ ڏنل فنڊ ذاتي ملڪيت جو 28سيڪڙو آهي: ٽوئٽر ايگزيڪٽو *
  • *لاهور ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس *چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان ڪورونا وائرس ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي *صدر عارف علوي پاران وائرس متاثرن مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت *
  • *وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس *اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل کانپوءِ واڌ يا نرمي سميت اهم معاملن تي غور ويچار *
  • *وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا جي سپريم ڪورٽ آمد، ڪورونا وائرس بابت بريفنگ *ڪورونا وائرس جي تدارڪ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر ظفر مرزا *جيڪو اندازو لڳايو ويو هو، انهيءَ حساب سان گهٽ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽ فوتگيون به گهٽ ٿيون آهن: ظفر مرزا *
  • *بيمارين بابت ڊيٽا ڏسندڙ عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ سڄي يورپ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيڻ جي اڳڪٿي *آگسٽ تائين سڄي يورپ ۾ برطانيا سڀني کان متاثر ٿيندڙ ملڪ هوندو: انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ اِيويليوئيشن * برطانيا ۾ فوتگيون 40سيڪڙو، 66 هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي * ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ هر ڏينهن 3 هزار ماڻهو موت جو شڪار جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي*
  • *وزيراعظم عمران خان قرضن بابت جاچ ڪندڙ ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي * ڪميشن 2008 کان 2018 تائين 24 سئو ارب روپين جي قرضن جي رپورٽ تيار ڪري ورتي: ذريعا *2400 ارب روپين جي قرضن ۾ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف، رپورٽ ايندڙ هفتي وزيراعظم ڏانهن اماڻي ويندي *رپورٽ ۾ 21 ادارن سان لاڳاپيل 250 ماڻهن جي ڪردار نشاندهي سان گڏ ترقياتي منصوبن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪڪ بيڪ جي نشاندهي ڪئي وئي *
  • *ڳڙهي خيري ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي*
  • *سانگهڙ ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نوجوان کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 17 ڏهاڙا ٿي ويا، اڪثر شهرن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌي ويا، پورهيت طبقو شديد پريشان*
  • *ڪورونا وائرس دنيا جي 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پوري دنيا ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 72 ٿي ويو*
  • *شور ڪوٽ: مني ٽرڪ بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت *

ڪورنا ايمرجنسي باوجود سانگھڙ ۾ گندگي جا ڍير، مڇرن جو به آزار

ميونسپل انتظامياغيرفعال هجڻ ڪري شهر۾صفائي جوانتظام انتهائي ناقص،شهري پريشان

گندگي ۽ گٽرن جي اٿعلڻ سبب پيٽ جي بيماري،زڪام۽ڪوروناجوخطرووڌي ويوآهي:شهري

سانگھڙ (رپورٽ: مير حسن مري) ڪورنا ايمرجنسي باوجود سانگھڙ ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، مڇرن جو به آزار وڌي ويو آهي، جنهن شهري ڪورونا جي خوف ۾ وٺجي ويا آهن. ان ڏس ۾ سانگھڙ شھر ۾ صفائي جي ناقص انتظام سبب شھر ۾ گندگيءَ جي وڌندڙ آزار سبب مکين ، مڇرن ۽ ڪورونا جي خوف سبب شھري ٻٽي عذاب کي منھن ڏئي رھيا آھن، شھرين جو چوڻ آهي ته گذريل ڪيترن سالن کان گندگي ۽ گٽر نالا اٿلڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. موجوده صورتحال۾ جتي صفائي انتھائي لازمي قرار ڏني پئي وڃي. اتي ميونسپل ڪميٽي سانگھڙ جو عملو چيئرمين سميت غائب آهي. شھرين ، محمد رحيم خاصخيلي، شبير حسن ، عظيم رونجهو، قيوم لانڊر ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ھن وقت انتھائي خطرناڪ دور ۾ گذري رھيا آھيون. پر ميونسپل ڪميٽي سانگھڙ ھٿ وٺي شھر کي گندگي جو ڍير بڻايو آهي. گندگي سبب مکين ، مڇرن جي آزار کي منھن ڏئي رهيا آهيون. ان ڪري ٻين بيڪٽريل بيمارين سبب ڪورونا جي خوف سبب صحت مرڪزن ڏانهن به نه ٿا وڃي سگھون. شھر اندر پيٽ جي بيمارين ، زوڪام ، کنگھ جي ڪري ڪورونا جو خطرو وڌي رھيو آھي. ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين دلبر خان نظاماڻي جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ شھر جا دورا ڪيا ته اميد جاڳي ته شايد سنجيدگي سان شھر جي لاءِ ڪو سوچيو آهي. پر سانگھڙ شھر ھن وقت گندگي جو ٻيٽ نظر پيو اچي. زاھد ٽائون، راڻا راجپوت ڪالوني، سرور ڪالوني ، منشي ڪالوني سميت ، نظاماڻي پاڙي ، گلشن ڪمال خان گلشن سانوڻ خان سميت شھر ۾ مھينن جا مھينا صفائي جو عملو نظر ئي نه ٿو اچي. وارڊ نمبر 10 جي ڪائونسلر رضا محمد خاصخيلي، وارڊ نمبر هڪ جي ڪائونسلر ، عثمان غني آرائين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين صفائي سٿرائي حوالي سان ڪو به تحرڪ نه پيو وٺي، ھنگامي صورتحال ۾ ڪائونسل کي اعتماد ۾ وٺي شھر ۾ ڪورونا وائرس کان بچاء لاءِ جاڳرتا مهم ھلائي وڃي.

Bookmark the permalink.