تازا ترين
  • امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو*هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ تي رضوان شيخ معافي وٺي: صوبائي وزير طرفان هڪ ارب جي هرجاڻي جي دعويٰ*
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

”ڪوئن سُڪون ڦٽائي ڇڏيو آهي“ ميمبرز پاران پارليامينٽ لاجز ۾ سهولتون نه هئڻ جون دانهون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ چونڊيل نمائندن جي رهائشگاهه پارليامينٽ لاجز ۾ ڪوئن جي آزار جو پڙاڏو گونجيو آهي، ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي شاهده رحماني چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ ڪوئن سبب رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ڪوئن سڪون حرام ڪري ڇڏيو آهي، پارليامينٽ لاجز ۾ سهولتون نه هجڻ برابر آهن، روشني ۽ هوا جو به ڪو انتظام ناهي، پارليامينٽ هائوس جي لائبريري ۾ به پاڻي ڳڙي ٿو، ايم ايم اي جي عبدالاڪبر چترالي چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ رهڻ محال ٿي ويو آهي، اسان کي وڌيڪ پيسن ۾ غير معياري کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر اهو مامرو لاڳاپيل ڪاميٽي کي اماڻيندي اها به هدايت ڪئي آهي ته پارليامينٽ لاجز سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ به صفائي کي بهتر بڻايو وڃي، ميمبرن جي شڪايت جو فوري ازالو ڪيو وڃي، سي ڊي اي جو ڊائريڪٽر ڪوئن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي.



Bookmark the permalink.