تازا ترين
  • *گمبٽ ۾ بيروزگار نوجوان راشن نه هجڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو*
  • *ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جي راڪاس جا لامارا جاري، وڌيڪ 5 معصوم گلڙا ڪومائجي ويا*
  • *ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ ايراني صدر حسن روحاني پاران عالمي مالياتي اداري کي ايمرجنسي لون جي اپيل * ڪورونا وائرس کي شڪست لاءِ 5 ارب ڊالرز ايمرجنسي لون ڏنو وڃي: ايراني صدر حسن روحاني *
  • *ٽوئٽر جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جيڪ ڊورسي پاران اثاثن مان هڪ ارب ڊالرز ڪورونا وائرس رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان * ڪورونا وائرس رليف فنڊ لاءِ ڏنل فنڊ ذاتي ملڪيت جو 28سيڪڙو آهي: ٽوئٽر ايگزيڪٽو *
  • *لاهور ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس *چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان ڪورونا وائرس ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي *صدر عارف علوي پاران وائرس متاثرن مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت *
  • *وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس *اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل کانپوءِ واڌ يا نرمي سميت اهم معاملن تي غور ويچار *
  • *وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا جي سپريم ڪورٽ آمد، ڪورونا وائرس بابت بريفنگ *ڪورونا وائرس جي تدارڪ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر ظفر مرزا *جيڪو اندازو لڳايو ويو هو، انهيءَ حساب سان گهٽ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽ فوتگيون به گهٽ ٿيون آهن: ظفر مرزا *
  • *بيمارين بابت ڊيٽا ڏسندڙ عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ سڄي يورپ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيڻ جي اڳڪٿي *آگسٽ تائين سڄي يورپ ۾ برطانيا سڀني کان متاثر ٿيندڙ ملڪ هوندو: انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ اِيويليوئيشن * برطانيا ۾ فوتگيون 40سيڪڙو، 66 هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي * ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ هر ڏينهن 3 هزار ماڻهو موت جو شڪار جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي*
  • *وزيراعظم عمران خان قرضن بابت جاچ ڪندڙ ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي * ڪميشن 2008 کان 2018 تائين 24 سئو ارب روپين جي قرضن جي رپورٽ تيار ڪري ورتي: ذريعا *2400 ارب روپين جي قرضن ۾ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف، رپورٽ ايندڙ هفتي وزيراعظم ڏانهن اماڻي ويندي *رپورٽ ۾ 21 ادارن سان لاڳاپيل 250 ماڻهن جي ڪردار نشاندهي سان گڏ ترقياتي منصوبن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪڪ بيڪ جي نشاندهي ڪئي وئي *
  • *ڳڙهي خيري ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي*
  • *سانگهڙ ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نوجوان کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 17 ڏهاڙا ٿي ويا، اڪثر شهرن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌي ويا، پورهيت طبقو شديد پريشان*
  • *ڪورونا وائرس دنيا جي 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پوري دنيا ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 72 ٿي ويو*
  • *شور ڪوٽ: مني ٽرڪ بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت *

ڪوئلو به ٿر کي ترقي ڏياري نه سگهيو، معدني وسيلا ڌارين حوالي آهن، ٿر اٿارٽي جوڙي وڃي: ٿر ڪانفرنس

ضلعي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ سئو ورهين دوران 74 ڏُڪار پيا آهن: مقرر

ڪوئلو نڪتو ته خوش ٿياسين ته هاڻي خوشحالي ايندي پرسڀ اُنهي جي اُبتڙ ٿيو آهي

مٺي(رپورٽر) مٺي ۾ ٿر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ بار ايسوسيئيشن پاران اصلوڪن رهواسين جي حقن بابت اهم ڪانفرنس، ٿر جا بنيادي مسئلا قانوني فورمن تي کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، خبرموجب ٿرپارڪر بار اسيوسيئشن ٿرپارڪر پاران گڊي ڀٽ مٺي تي ٿر جي بنيادي مسئلن جي حل ۽ انهن کي قانوني فورمن تي کڻي وڃڻ جي سلسلي ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، سنڌ بارڪائونسل جي ميمبر صلاالدين ڳنڍاپور خطاب ڪندي چيو ته دنيا ڪوئلي جي پروجيڪٽن تي ڪم بند ڪري پئي اسان هاڻي جاڳيا آهيون، ڊسٽرڪٽ بار ٿرپارڪر جي صدر وڪيل رائسنگھه سوڍو چيو ته ڪانفرنس اسان جي پهرين وک آهي، اسين ٿر جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ قانوني رستو اختيار ڪنداسين، ٿرڪول جو رڳو مسئلو اسان ناهي کنيو، ٿر ۾ انهي کانسواءِ به هزارين مسئلا موجود آهن، جنهن ۾ پاڻي، صحت تعليم ۽ روينيو جا مسئلا شامل آهن، سڀني مسئلن جي حل لاءِ اڄوڪي ڪانفرنس منعقد ڪئي هئي بار جي اڳوڻي صدر ڀيرولال خطاب ڪندي چيو ته ٿر لاءِ ليڊ پاليسي جوڙي وڃي، ناقبولي زمينن جو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي، ليکڪ نور احمد جنجهي خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ ٿيندڙ سموري ڊولپمينٽ تي بازار هاوي آهي، ترقي جيڪا به اچي ٿي اُها مٿان کان اچي ٿي، سماجي اڳواڻ علي اڪبر راهمون چيو ته ٿر ۾ گذريل سئو ورهين دوران 74 ڏُڪار پيا آهن، پر ڪجھه سالن بعد ٿر ۾ خودڪشين جو رجحان وڌي رهيو آهي، تازو ٻن ورهين کان خودڪشيون جيڪي ٿيون آهن اُنهي ۾ ٿرڪول ايريا جو تعلقو اسلام ڪوٽ پهرين نمبر تي آهي، ٿر ڊولپمينٽ پاليسي 2014ع کان سنڌ اسيمبلي ۾ پيل آهي پر عمل نه ٿو ٿئي، اُنهي ڪري ٿر لاءِ اسٽينڊنگ ڪاميٽي ٺهڻ کپي ۽ انهي تي عمل ڪرايو وڃي، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر سونومل کنگهاراڻي چيو ته ٿر ۾ تبديلي اچي پئي، جيڪو ماڻهن سوچيو به نه هو، ٿر ۾ ڪوئلو 2000ع کان اڳ ظاهر ٿيو، اُنهي وقت کان حڪومتن اهو ڪم شروع ڇو نه ڪيو، اڄ جيڪو يونيورسٽي ٺاهڻ جي ڳالھه ڪئي پئي وڃي اهو اُن وقت ٺهڻ کپي ها ته ٿر جا ڪيترائي نوجوان پڙهي نڪرن ها جنهن جي اڄ ضرورت آهي ميرحسن آريسر چيو ته ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپني ڇا پيون ڪن، اهڙا ميڙاڪا ڪمپنين کي ڪرڻ کپن، ٿر ۾ آر او پلانٽس جي ڇا حالت آهي، سمورا بند پيا آهن، تعليم سميت صحت جون بنيادي سهولتون ناهن، زندگي جي سمورن حقن جو حشر بُرو آهي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته جڏهن ڪوئلو نڪتو ته اسان خوش ٿياسين ته ٿري خوشحال ٿيندا پر هي سڀ اُنهي جي اُبتڙ ٿيو آهيڊسٽرڪٽ بار جي نائب صدر وڪيل هيمراج ڀيل چيو ته ٿر مسئلن جو گهر بڻيل هجڻ سان گڏ مسئلن جو شڪار آهي بار جي جنرل سيڪريٽري وڪيل مصطفى هنگورجو چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي سميت گرينائيٽ پٿر، چيني مٽي، سالٽ فيڪيٽرين سميت ٻيا کوڙ سارا معدني وسيلا موجود آهن، جن جون غيرقانوني ليزون ڌارين حوالي ڪيون ويون آھن

Bookmark the permalink.