تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڪنگري ۾ گھمرا_ناريجا برادرين ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو مرڻينگ

پيرجوڳوٺ ( ن پ ا) ڪنگري جي ڪچي ۾ گهمرا ۽ ناريجا برادرين ۾ ڍنڍ مان مڇي مارڻ تان ڇڪتاڻ سبب گولي لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ڪچي جي ڪي ٽي ميرمحمد گهمرو ڀرسان ڍنڍ مان مڇي مارڻ دوران ناريجا ۽ گهمرا برادري ۾ ڇڪتاڻ ٿي جنهن ۾ فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ سبب گهمرا برادري جو محمود گهمرو مٿي ۾ گولي لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي پهريان پيرڳوٺ ۽ بعد ۾ ڳڻتي واري حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ساقي گهمرو جو چوڻ آهي ته ناريجا برادري جي هٿياربندن ارشاد ناريجو، مرچو ناريجو حملو ڪري اسان جي همراه کي گوليون هنيون آهن. هن چيو ته زمين ۽ ڍنڍ اسان جي آهي پر پوء به ڏاڍ مڙسي ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.