تازا ترين
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڪنڌڪوٽ ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد ڊاڪٽر جي حالت خراب

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ۾ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد ڊاڪٽر جي حالت خراب ٿي وئي، وارثن کيس ڪراچي جي ڊائو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڊي ايڇ او احسان ڏاهاڻي ڊاڪٽر ابراهيم سهرياڻي کي مقامي منتقلي ذريعي ڪورونا وائرس جي لڳڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. وائرس جو شڪار ٿيل ڊاڪٽر جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن بعد وارثن کيس ڪراچي جي ڊائو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر کي وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد گوليمار واري علائقي جي رهواسين، دڪاندارن توڙي ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙن جا سيمپل وٺي ليبارٽري اماڻيا ويندا. ڊي ايڇ او جو چوڻ هو ته مقامي ڊاڪٽر سان گڏ ڪم ڪندڙن عملو گذريل ٽن ڏينهن کان اسپتال بند ڪري گم ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ڊي ايڇ او آفيس جي عملي اسپتال ۾ ڊاڪٽر سان گڏ ڪم ڪندڙن جي لسٽ ٺاهي ورتي آهي، جن جا سيمپل ورتا ويندا. ڊي ايڇ او جو چوڻ هو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ 37 آهي.

Bookmark the permalink.